Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

جي گھر ۾ داخل ٿئي ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻون ها؟ مطلب ته! ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا گناهن ۾ اسان جي دل لڳي ها يا اسان نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجون؟ يقيناً جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته قيامت جو خوف اسان جي دلين مان نڪرندو پيو وڃي۔

اي ڪاش! جو اسان جي عبرت ڀري نگاھ جاڳي پوي ۽ اسان موت کان ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! اسان قبر کان ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان ميدانِ محشر جي گرمي ۽ ان جي هولناڪين کان ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان حساب ڪتاب جي سختي کان ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان پُل صراط تان گذرڻ کي ياد ڪندي ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان جهنم جي عذاب کان ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون۔ ياد رکو! اڄ جيڪڏهن اسان دنيا ۾ خوفِ خدا کان سرشار رهياسين ته اهو ئي خوفِ خدا اسان کي پُل صراط پار ڪرائيندو، جيئن حَضرتِ سَيدُنا فُضَيل بِن عِياض رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو فرمانِ عافيت نشان آهي ته خوفِ خدا جي سَبَب ڪمزور ضعيف ۽ هيڻا رهڻ وارا پُل صِراط تان آساني سان پار ٿي ويندا ۔ اڄ جيڪڏهن دنيا ۾ اسان جهنم کان پناھ گھرندا رهياسين ته آخرت ۾ به ان کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي ته جيڪو ٻانهو جَهنَّم کان پناھ گھرندو آهي، جَهنَّم چوندو آهي: اي رَبّ! اهو مون کان پناھ گھري ٿو ته تون ان کي پناھ ڏئي ڇڏ۔ (مسند أبي يعلي، ۵/۳۷۹،حديث: ۶۱۶۴، بهارِ شريعت،۱/۱۶۳)

میں رحمت،مغفرت،دوزخ سے آزادی کاسائل ہوں                                            مہِ رمضان کے صدقے میں فرما دے کرم مولیٰ!

برأت دے عذابِ قبر سے نارِ جہنّم سے                                                                                  مہِ شعبان کے صدقے میں کر فضل و کرم مولیٰ!

تُو بس رہنا سدا راضی نہیں ہے تابِ ناراضی                                                              تُو ناخوش جس سے ہو برباد ہے تیری قسم مولیٰ!

 (وسائلِ بخشش مرمّم، ص۹۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد