Apni Islah Ka Nuskha

Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

افسوس! (جيڪڏهن مون روزانو هڪ گناھ به ڪيو هجي ته) مان حقيقي بادشاھ سان ايڪيھ هزار پنج سو (21500) گناهن سان ملاقات ڪندس ۽ جڏهن روزانو ڏھ هزار (10,000) گناھ هجن، ته ڪهڙي صورتِ حال ٿيندي، اهو سوچي سندن بيهوش ٿي ڪري پيا ۽ سندن جو اِنتقال ٿي ويو۔ ماڻهن ڪنهن چوڻ واري کي انهن جي باري ۾ چوندي ٻڌو: ”اي شخص! فردوسِ اعليٰ ڏانهن وڃ۔“

(احياء العلوم،ڪتاب المراقبۃ والمحاسبۃ، بيان حقيقۃ المحاسبۃ بعد العمل، ۵/۱۳۹)

   اي عاشقانِ رسول! اچو اسان به سڀ کان اعليٰ جنّت، فردوس جي دُعا گھرون ٿا:

نہ کرنا حَشْر میں پُرسِش مِری ہو بے سبب بخشش

عطا کر باغِ فردوس از پئے  شاہِ اُمَم مولیٰ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اهو ته سوچي به نٿو سگھجي ته حضرت سَيدُنا تَوبَه بِن صِمَّه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گناهن ۾ مبتلا هوندا، يقيناً انهن جي پاڪيزه زندگي گناهن کان گھڻو پري هوندي، پر هن حڪايت سان اسان پنهنجي حالت تي غور ڪريون۔ يقيناً اسان جي حالت اها آهي جو اسان ڏينهن ۾ هڪ نه سوين بلڪ ڱوڙ گناھ ڪندا هونداسين، ڇوته بدقسمتي سان هاڻي ته قدم قدم تي گناهن جا موقعا نظر ايندا آهن۔ پهريان ٻانهو تنهائي اختيار ڪري گناهن کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھندو هو، پر هاڻي موبائل جي صورت ۾ گناهن کان بچڻ واري تنهائي به ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندي هوندي، سڄي ڏينهن ۾ ڪيل انهن گناهن کي پنهنجي زندگي جي ڏينهن کان ضرب ڏينداسين ته نتيجو شايد لکن ۾ اچي، غور ڪريو! ايتري سارن گناهن سان گڏ اسان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڪيئن پيش ٿينداسين۔ ان ڪري اڃا به وقت آهي، هاڻي اسان هٿو هٿ پڪي سچي توبه ڪريون ۽ آئنده گناهن کان بچڻ جو پڪو اِرادو ڪريون ۽ اي ڪاش!