Apni Islah Ka Nuskha

Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

دار کي مَدَني انعامات جو رِسالو جمع ڪرائڻ به ذيلي حلقن جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم آهي۔

   ياد رهي! مدني انعامات تي پاڻ عمل ڪندي ٻين عاشقانِ رسول ۾ مدني انعامات جا رسالا تقسيم ڪرڻ ۽ وري مهينو ختم ٿيڻ تي انهن کان وصول ڪرڻ به اسان جي ذمه داري آهي۔ 12 مدني ڪمن مان هن مدني ڪم ”مَدَني اِنعَامات“ جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ”مَدَني اِنعَامات“ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر ۽ خاص ڪري ذمه داران هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو مڪتبة المدينه تان طلب ڪرڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان به پڙھي سگھجي ٿو۔ هن رسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي، ٭ مدني انعامات ڇا آهن؟ ٭ فڪرِ مدينه ڪيئن ڪئي وڃي؟ ٭ مدني انعامات جا مقصد ٭ مدني انعامات جي درجه بندي، ٭ ڪجھ مدني انعامات جي طبّي ۽ سائنسي فائدا، ٭ اجتماعي فڪرِ مدينه جو طريقو ٭ مدني انعامات جون برڪتون، ٭ مدني انعامات بابت فرامينِ امير اهلسنّت ٭ مدني انعامات جي باري ۾ مرڪزي مجلس شورٰي جي مدني مشورن جا مدني گل ٭ مدني انعامات بابت شرعي ۽ تنظيمي احتياطن تي مشتمل سوالات جوابات وغيره ۔

      ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني اِنعامات، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇُڏائڻ جو بهترين نُسخو آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارن کان اَميرِ اَهلسُنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ گھڻا خوش ٿيندا ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت ملندي آهي. ٭ مَدَني اِنعامات جو اهو عظيم تحفو بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي ياد ڏياري ٿو، ٭ مَدَني اِنعامات بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔