Apni Islah Ka Nuskha

Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

خراب هجڻ سمجهيو وڃي ٭ عيادت جي موقعي تي مريض يا ڏکايل شخص جي سامهون پنهنجي چهري تي رنج ۽ غم جي ڪيفيت ظاهر ڪيو ٭ ڳالهه ٻولهه جو انداز هرگز اهڙو نه هجي جو مريض يا سندس عزيزن کي وسوسا اچن ته هي اسان جي پريشاني تي خوش ٿي رهيو آهي! ٭ مريض جي گهر وارن سان به همدردي جو اظهار ڪريو ۽ جيڪڏهن خدمت يا مدد ڪرڻ چاهيو ته ڪريو ٭ مريض وٽ وڃي ڪري طبعيت پڇو ۽ هن جي لاءِ صحّت ۽ عافيت جي دُعا ڪريو ٭ مريض کان پنهنجي لاءِ دُعا ڪرايو مريض جي دُعا رد ناهي ٿيندي ٭ عِيادت ڪندي موقعي جي مناسبت سان مريض کي نيڪي جي دعوت به پيش ڪجي، خُصوصاً نماز جي پابندي جو ذهن ڏجي ڇو ته بيماري ۾ ڪيترائي نمازي به نمازن کان غافل ٿي ويندا آهن ٭ مريض جي ڀرسان گهڻي دير تائين نه ويهو ۽ نه گوڙ ڪريو ها جيڪڏهن بيمار پاڻ ئي دير تائين ويهارڻ جو خواهش مند آهي ته ممڪن هجي ته اوهان هن جي جذبن جو احترام ڪريو ٭ بيمار جي عِيادت جي موقعي تي تحفو ڏيڻ سٺو ڪم آهي پر نه ڏيڻ جي صورت ۾ عِيادت ئي نه ڪرڻ ۽ دل ۾ هي خيال ڪرڻ ته جيڪڏهن ڪجهه نه کڻي ويندس ته اهي ڇا سوچيندا ته خالي هٿين عِيادت جي لاءِ آيو آهي۔ خالي هٿ به عِيادت ڪرڻ ئي گهرجي نه ڪرڻ ثواب کان محرومي جو باعث آهي٭  توهان عِيادت ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه فروٽ ۽ بسڪيٽ وغيره تحفي طور وٺڻ لڳو ته مشورو آهي ته مڪبتة المدينہ جا شايع ٿيل ڪجهه مدني رسالا به وٺي مريض کي پيش ڪريو، اهو ملڻ وارن (۽ جيڪڏهن اسپتال ۾ آهي ته) ڀروارن مريضن ۽ هن جي عزيزن کي تحفي طور ڏئي، بلڪ زهي نصيب! مريض پاڻ به ڪجهه مدني رسالا هديةً گهرائي هن ارادي سان پاڻ وٽ رکي ثواب ڪمائي ٭ فاسِق جي عِيادت به جائز آهي، ڇو ته عِيادت اسلام جي حقن مان آهي ۽ فاسق به مسلمان آهي. (بهار شريعت ج 3، ص 505)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد