Apni Islah Ka Nuskha

Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

هئا۔ ٭ حاجي زم زم کوڙ سارين خوبين جا مالڪ هئا ۽ ايمان داري جي ڳالھ آهي ته وڏيون يادون انهن ڇڏيون آهن۔ ٭ مدني انعامات جي حوالي سان حاجي زم زم جو مون تي وڏو احسان آهي، تمام ئي وڏو احسان آهي جو مدني انعامات ايترا ڪامياب نه ٿي رهيا هئا، حاجي زم زم منهنجو گھڻو حوصلو وڌايو۔ ٭ حاجي زم زم جڏهن سوالات جو نالو مدني انعامات رکيو، مدني انعامات عام ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ته اهي ڪٿي کان ڪٿي نڪري ويا ۽ اڄ مدني انعامات دعوتِ اسلامي جو روح  آهن۔ هن روح کي دعوتِ اسلامي وارن جي اندر لاهڻ ۾ اسان جي حاجي زم زم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو تمام وڏو ڪردار آهي۔        (محبوبِ عطار ڪي 122 حڪايات، ص۱۷۷ تا ۱۷۹)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اميرِ اهلسنت جي عاجزي ۽ ٻي ڳالھ غور ڪريو ته! جيڪو پير پنهنجي مُريد جي لاءِ چوي ته ان جو مون تي احسان آهي، جيڪو پير پنهنجي مُريد جي لاءِ چوي ته ان جي صحبت ۾ پنهنجي لاءِ بهتري محسوس ڪندو هئس، جيڪو پير پنهنجي مُريد جي لاءِ چوي ته مون کي ان جي صحبت پسند هئي، اهڙو مُريد ڪيترو خوش نصيب ۽ خوش قِسمت هوندو۔

 الله ڪريم! اسان کي به پنهنجي پيرو مُرشد سان سچي محبت عطا فرمائي ۽ حاجي زم زم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صدقي اسان کي به مدني انعامات جو سچو عامل بڻائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد