Apni Islah Ka Nuskha

Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

جي پنهنجي ئي بد عمليون ئي ته ناهن؟ ڇوته اڄڪلھ اسان جي معاشري ۾ گُناهن جو بازار ايتري قدر گرم آهي جو اَلْاَمَانُ وَالْحَفِيظ۔ بد قسمتي سان ماڻهن جو وڏو تعداد بي عملي جو شڪار آهي، نه حقوقُ العباد يعني ماڻهن جي حقن جي ادائيگي جو خيال آهي ۽ نه ئي حقوقُ الله جو ڪوئي احساس، نيڪيون ڪرڻ نفس جي لاءِ بي حد دُشوار ۽ گناھ ڪرڻ نهايت آسان ٿي چڪو آهي، ضَرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ سَهولتن کي حاصل ڪرڻ ۾ حد کان وڌيڪ ڪوشش مسلمانن جي وڏي تعداد کي آخرت جي فڪر کان بلڪل غافل ڪري ڇڏيو آهي۔ گار ڏيڻ، تهمت لڳائڻ، بدگماني ڪرڻ، غيبت ڪرڻ، چغلي هڻڻ، ٻين جا عيب ڄاڻڻ جي جستجو ۾ رهڻ، ٻين جا عيب کولڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪوڙا وعدا ڪرڻ، ڪنهن جو مال ناحق کائڻ، ڪنهن کي بِلااجازتِ شَرعي تڪليف ڏيڻ، قرض ڦٻائڻ، ڪنهن جي شيءِ عارضي طور وٺي واپَس نه موٽائڻ، ٻين کي بُرن لقبن سان سڏڻ، ڪنهن تي ناگوار گذرڻ جي باوُجُود بِلا اجازت ان جي شيءِ استعمال ڪرڻ، فلمون ڊراما ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ، ماءُ پيء جي نافرماني ڪرڻ ۽ انهن کي ستائڻ، امانت ۾ خِيانت ڪرڻ، بدنگاهي ڪرڻ، عورَتن جو مَردن جي ۽ مردن جو عورتن جي مُشابَهت (يعني نقل) ڪرڻ، بي پردگي، غرور، تڪبر، حَسَد، رِياڪاري، پنهنجي دل ۾ ڪنهن جو بُغض ۽ ڪينو رکڻ، شُماتَت (يعني ڪنهن کي مرض، تڪليف يا نقصان پهچڻ تي خوش ٿيڻ)، ڪاوڙ اچڻ تي شريعت جون حدون اورانگھڻ، گناهن جو حرص، حُبِّ جاھ (يعني عزّت جي خواهش)، بخل، خود پسندي وغيره مُعاملا اسان جي مُعاشَري ۾ وڏي بي خوفي سان ڪيا ويندا آهن۔ ٿورو سوچيو ته ايتري قدر گُناهن جي باوجود به جيڪڏهن اسان کي رزق ۾ تنگي ۽ محرومي کي منهن نه ڏيڻو پوي ته ٻيو ڇا ٿئي؟ گناهن جي اهڙي ڪثرت جي باوُجود به اسان تي رزق جا دروازا بند نه ٿين ته ڇا ٿئي؟ هڪ حديثِ پاڪ ۾ ارشاد فرمايو ويو: لَايرُدُّ الْقَدْرَ اِلاَّ الدُّعَاءُ يعني دُعا سان تقدير پلٽجي ويندي آهي وَلاَ يزِيدُ فِي الْعُمْرِ اِلاَّ الْبِرُّ ۽ نيڪين سان عمر ۾ اضافو ٿيندو آهي، فَاِنَّ الرَّجُلَ لَيحْرَمُ الرِزْقَ بِالذَّنْبِ يصِيبُہ بيشڪ ٻانهو گناھ جي ڪري ان رِزق کان محروم ڪيو ويندو آهي جيڪو ان کي ملڻو هوندو آهي۔ (المستدرک،کتاب الدعاء والتکبیر،باب:لایرد القدر...الخ ، ۲/۱۶۲، حدیث۱۸۵۷)

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته جيڪڏهن اسان مُعاشي ترقي