Book Name:Apni Islah Ka Nuskha
جمع ڪيو آهي. (تفسیر ابنِ کثیر،پ ۲۸،الحشر،تحت الآیۃ: ۱۸، ۸ / ۱۰۶) تفسير صِراطُ الجِنان ۾ آهي: هن آيت مان معلوم ٿيو ته هڪ گھڙي غورو فڪر ڪرڻ تمام گھڻي ذڪر ڪرڻ کان بهتر آهي۔ پنهنجي عملن جي باري ۾ سوچڻ نهايت افضل عمل آهي ۽ اهو ئي مُراقبو آهي۔ (صراط الجنان، ۱۰/۸۹ ملتقطاً)
احاديثِ مبارڪه ۾ نبيِ مُڪَرَّم، نُورِمُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن به ڪيئي ڀيرا عملن جو محاسبو ڪرڻ جي ترغيب ڏياري آهي، اچو ته انهيءَ بابت فرمانِ مصطفٰي ٻڌون ٿيون:
اِحتِساب (غوروفڪر) بابت فرامينِ مُصطَفٰي
1۔ فرمايائون: جڏهن توهان ڪنهن ڪم کي ڪرڻ چاهيو ته ان جي انجام جي باري ۾ غور ڪري وٺو، جيڪڏهن اهو چڱو آهي ته ان کي ڪري وٺو ۽ جيڪڏهن ان جو نتيجو غلط آهي ته ان کان باز رهو۔
(کنزالعمال،کتاب الاخلاق،حرف التاء،التودۃ والتانی والتبیین،الجزء۳ ،۲/۴۴،حدیث:۵۶۷۳)
2۔ عقل مند جي لاءِ هڪ گھڙي اهڙي هئڻ گھرجي جنهن ۾ اهو پنهنجي نفس جو محاسبو ڪري۔ (شعب الایمان، باب فی تعدید نعم ﷲ …الخ ، ۴/۱۶۴، حدیث: ۴۶۷۷)
3۔ (اُمورِ آخرت ۾) گھڙي کن جي لاءِ غور ۽ فڪر ڪرڻ سٺ (60) سال جي عبادت کان بهتر آهي۔ (کنز العمال،کتاب الاخلاق،التفکر، الجز۳، ۲/۴۸،حدیث:۵۷۰۷)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! آيتِ مبارڪه، ان جي تفسير ۽ فرامينِ مصطفيٰ مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي دِين ۾ پنهنجو محاسبو ڪرڻ جي زبردست ترغيب ڏياري وئي آهي، ڇوته ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري گناهن کان بچڻ آسان هوندو آهي۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري نيڪيون ڪرڻ آسان ٿي وينديون آهن۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري حُقوقُ الله ۽ حقوقُ العباد جي پاسداري جو ذهن بڻجندو آهي۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري دل ۾ خوفِ خدا بيدار ٿيندو آهي۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري ظاهر ۽ باطن ۾ نکار پيدا ٿيندو آهي، ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري موت کان پهريان موت جي