Bimari Kay Faiedy

Book Name:Bimari Kay Faiedy

اچو! ترغيب جي لاءِ 6 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا ته جڏهن ڪو  مسلمان بيمار ٿيندو آهي ته ان کي ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون نصيب ٿينديون آهن، جيئن

(1) ارشاد فرمايائون: الله ڪريم ڪنهن کي جسماني بيماري ۾ مُبتَلا فرمائي ته اها بيماري ان جي لاءِ بخشش جو سبب آهي۔ (تاريخ مدينه دمشق، ۴۷/۲۶۰)

(2) ارشاد فرمايائون: جڏهن مؤمن بيمار ٿيندو آهي ته الله پاڪ ان کي گناهن کان ائين پاڪ ڪندو آهي جيئن بٺي لوھ جي ڪٽ کي صاف ڪندي آهي. (اَلتَّرغِيب وَالتَّرهيب،۴ / ۱۴۶ ،حديث: ۴۲)

(3) ارشاد فرمايائون: مريض جا گناھ اهڙي طرح ڇڻندا آهن جيئن وڻ جا پن ڇڻندا آهن۔  (اَلتَّرغِيب وَالتَّرهيب، ۴ / ۱۴۸، حديث: ۵۶)

(4) ارشاد فرمايائون:الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: محتاجي منهنجو قيد خانو جڏهن ته بيماري منهنجي زنجير آهي ۽ مخلوق مان جنهن کي محبوب رکندو آهيان، ان کي ان سان گڏ ٻڌي ڇڏيندو آهيان۔ (قوت القلوب، شرح مقام التوڪل ووصف احوال المتوڪلين، ۲/ ۳۸)

(5) ارشاد فرمايائون: جڏهن ڪو ٻانهو بيمار ٿي ويندو آهي ته الله پاڪ ان ڏانهن ٻه ملائڪ موڪليندو آهي ته وڃي ڏسو منهنجو ٻانهو ڇا چوي ٿو۔ بيمار جيڪڏهن الله ڪريم جي حمد ۽ ثنا ڪندو (مَثال طور اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه چوندو) آهي ته ملائڪ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ وڃي ان جو قَول عرض ڪندا آهن ۽ الله ڪريم خوب ڄاڻي ٿو۔ ارشادِ الٰهي ٿيندو آهي: جيڪڏهن مان هن ٻانهي کي هن بيماري ۾ موت ڏئي ڇڏيان ته ان کي جنّت ۾ داخل ڪندس ۽ جيڪڏهن صحّت عطا ڪئي ته ان کي پهريان کان به بهتر گوشت ۽ رت ڏيندس ۽ ان جي گناھ کي مُعاف ڪري ڇڏيندس۔ (موطّا امام مالڪ،۲/ ۴۲۹،حديث:۱۷۹۸)

(6) ارشاد فرمايائون: جڏهن ٻانهو بيمار يا مسافر ٿيندو آهي ته ان جا اهي ئي عمل لکيا ويندا آهن جيڪي هو تندرسي ۽ گھر ۾ ڪندو هو۔ (بخاري،ڪتاب الجهاد،باب يڪتب للمسافر…الخ،۲/۳۰۸،حديث:۲۹۹۶)