Bimari Kay Faiedy

Book Name:Bimari Kay Faiedy

بيان ڪيل آخري حديثِ پاڪ جي حوالي سان حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: يعني جيڪڏهن بيماري يا سفر جي ڪري هو تهجد وغيره نفل نه پڙھي سگھي يا جماعت ۾ حاضر نه ٿي سگھي ته ان کي ان جو ثواب ملي ويندو هن شرط تي جو تندرستي ۾ انهن شين جو پابند هجي۔ حديث جو مطلب اهو ناهي ته بيماري يا سفر ۾ فرض معاف ٿي ويندا آهن، اهي ته ادا ڪرڻا ئي پوندا ۽ جيڪڏهن اهي رهجي ويا ته انهن جي قضاء واجب ٿيندي۔ (مرآة المناجيح،۱/۴۱۳)

سُبْحٰنَ الله! بيان ڪيل حديث سڳورين مان معلوم ٿيو ته ٭ بيماري مغفرت جو سبب آهي، ٭ بيماري گناهن کان پاڪ ڪرڻ جو ذريعو آهي، ٭ بيماري جي سبب گناھ ڇڻي ويندا آهن، ٭ بيماري ۾ مبتلا مسلمان کي الله پاڪ پنهنجو محبوب بڻائيندو آهي، ٭ بيماري جي حالت ۾ حمدِ الٰهي ڪرڻ وارو جيڪڏهن انهيء بيماري ۾ انتقال ڪري وڃي ته جنت جو حق دار ٿيندو آهي، ٭ بيماري جي حالت ۾ حمدِ الٰهي ڪرڻ وارو جيڪڏهن صحت ياب ٿي وڃي ته پهريان کان بهتر گوشت ۽ رت ملڻ جي خوشخبري آهي ۽ ٭ بيماري جي حالت ۾ ٻانهي جا اهي ئي عمل لکيا ويندا آهن جيڪي هو تندرستي ۽ گھر ۾ ڪندو هو۔ پر افسوس! ڪجھ ماڻهو بيمارين جي فضيلتن ۽ برڪتن کي سامهون رکڻ جي بدران بيمارين کي بُرو ڀلو چوڻ ۽ شڪوا شڪايت ڪرڻ لڳندا آهن، مثال طور چوندا آهن اهو بخار(Fever) به وڏي منحوس بيماري آهي، اهو مٿي جو سور به ڪيترو بُرو مرض آهي جو ان ته مون کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، هن نزلي زڪام ته مون کي چريو ڪري ڇڏيو آهي جو ان جي سبب ته منهنجو سڄو ڏينهن ڊِسٽرب ٿي ويو آهي“ وغيره۔

بيمارين کي بُرو چوڻ هرگز عقلمندي ناهي خاص ڪري بخار ۽ مٿي جي سور کي، ان ڪري جو بخار ۽ مٿي جو سور اهي مبارڪ بيماريون آهن، جن کي نبين جي بارگاھ ۾ حاضري جو شرف نصيب ٿيو آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ به بخار کي بُرو چوڻ کان منع فرمايو ويو آهي، جيئن