Bimari Kay Faiedy

Book Name:Bimari Kay Faiedy

اهڙي طرح سيپاري 4 سوره آلِ عمران جي آيت نمبر179 ۾ رب ڪريم جو ارشادِ پاڪ آهي:

وَ مَا كَانَ اللّٰهُ لِیُطْلِعَكُمْ عَلَى الْغَیْبِ وَ لٰكِنَّ اللّٰهَ یَجْتَبِیْ مِنْ رُّسُلِهٖ مَنْ یَّشَآءُ (پ۴،اٰلِ عمران:۱۷۹)

 ترجَمو ڪنز الايمان: ۽ الله جو هي شان ناهي جو اي عام انسانو! اوهان کي غيب جو علم ڏئي ڇڏي ها، الله پنهنجن رسولن مان جنهن کي گهرندوتنهن کي چونڊيندو آهي

حضرت سَيدُنا مُعاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: مون پنهنجي رَبّ کي ڏٺو، ان پنهنجو دستِ قدرت منهنجي ڪلهن جي وچ ۾ رکيو، منهنجي سيني ۾ ان جي ٿڌاڻ محسوس ٿي، انهيء وقت هر شيء مون تي روشن ٿي وئي ۽ مون سڀ ڪجھ سڃاڻي ورتو۔

(ترمذي،ڪتاب التفسير،باب ومن سورة ص،۵/۱۶۰،حديث: ۳۲۴۶)

 

امامِ عشق و محبت، اعليٰ حضرت پنهنجي مشهورِ زمانه نعتيه ديوان
”حدائقِ بخشش“ ۾ لکن ٿا:

اور کوئی غیب کیا تم سے نہاں  ہو بھلا

جب  نہ خدا ہی چھپا تم پہ کروروں دُرود

                                                                    (حدائقِ بخشش، ص۲۶۴)

شعر جي وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جي شانِ عَظَمت نشان جي ڇا ڳالھ ڪجي! معراج جي رات بيداري ۾ اوهان پنهنجي مبارڪ اکين سان پنهنجي ربِّ ڪريم جو دِيدار ڪيو، پوءِ اهڙي طرح الله ڪريم جيڪو سڀني کان لڪيل آهي، اهو به پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي ظاهر ٿي ويو ته هاڻي ٻيو ڪو غيب اوهان کان ڪهڙي طرح لڪي سگھي ٿو.

 (4) چوٿون مدني گل اهو مليو ته بيماري سبب جيڪڏهن مريض اهي نيڪ عمل نه ڪري سگھي جيڪو هو تندرستي جي حالت ۾ ڪندو هو ته ربِّ