Bimari Kay Faiedy

Book Name:Bimari Kay Faiedy

ڪريم پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان ان کي انهن عملن جو به ثواب عطا فرمائيندو آهي۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان تندرستي جي حالت ۾ به پنهنجو پاڻ کي نيڪين جو عادي بڻايون، تندرستي جي حالت ۾ به پنجن ئي وَقتن جي نماز جماعت سان گڏوگڏ سُنّتون ۽ نفل پڻ ادا ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به فرضن، واجبن ۽ سُنّتن تي عمل ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به فرض روزن سان گڏوگڏ نفل روزا به رکون، تندرستي جي حالت ۾ به تلاوتِ قرآن جي ڪثرت ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به قرآنِ ڪريم جي احڪام تي عمل ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به ذڪر ۽  دُرود سان پنهنجي زبانن کي تر رکون، تندرستي جي حالت ۾ به صدقي ۽ خيرات (Charity) جو پنهنجو معمول بڻايون، تندرستي جي حالت ۾ به مسلمانن جي خير خواهي ۾ اڳتي رهون، تندرستي جي حالت ۾ به والدين جي خدمت ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به الله پاڪ ۽ ٻانهن جا حق پورا پورا ادا ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به صرف ۽ صرف حلال روزي ئي ڪمايون، تندرستي جي حالت ۾ به عِلمِ دين سکون ۽ سيکاريون، تندرستي جي حالت ۾ به مڪتبة المدينه تان جاري ڪيل ڪتابن ۽ رسالن جو مطالعو ڪندا رهون، تندرستي جي حالت ۾ به ڏينهن جو اڪثر حصو فضول گوئي کان بچندي خاموشي اختيار ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به محتاجن ۽ غريبن جي مدد ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به عاشقانِ رسول جي صحبت اختيار ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به مدني انعامات جو رِسالو ڀريون، تندرستي جي حالت ۾ به هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماعن ۽ مَدَني مذاڪرن ۾ شرڪت ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ مشغول رهون، تندرستي جي حالت ۾ به مَدَني مشورن ۾ شرڪت ڪريون ۽ تندرستي جي حالت ۾ به مدني قافلن ۾ سفر ڪندا رهون۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ، الله پاڪ جي رحمت سان بيماري جي حالت ۾ به اسان جي نيڪين جو ميٽر هلندو رهندو ۽ گناهن کان اسان جي حفاظت ٿيندي رهندي۔