Bimari Kay Faiedy

Book Name:Bimari Kay Faiedy

(5) پنجون مدني گل اهو به قبول ڪريو ته هر بيماري ۾ نماز ۽ روزو ڇڏڻ جي اجازت ناهي، بلڪ جن تي جماعت سان نماز پڙھڻ واجب آهي ته ڪيئي بيمارين ۾ انهن تي جماعت به واجب رهندي آهي۔

(6) ڇهون مدني گل اهو به قبول ڪريو ته اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن ٿورڙي بيماري ۾ به ويهي نماز پڙھڻ شروع ڪندا آهن، هر بيمار ۾ ان جي اجازت به ناهي ته هو فرض ۽ واجب نمازون ۽ فجر جون سُنّتون ويهي پڙھي۔ ان بابت تفصيلي مسئلا سکڻ جي لاءِ ”بهارِ شريعت“ ۽ رِسالو ”ڪرسي پر نمازپڑھنے کے احڪام“ جو مطالعو ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! يقيناً الله پاڪ پنهنجي ٻانهن تي امڙ کان وڌيڪ مَحَبَّت فرمائڻ وارو آهي۔ راحت ۽ آساني، ڏُک ۽ تڪليف، بيماريون، گناهن جي معافي ۽ توبه جي توفيق ملڻ سڀ ان جي بخشش جا ڪرشما آهن۔ دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو جُرم ڪندو آهي ته مجرم کي ان جي ڏوھ جي سزا ملندي آهي، مقدمو هلايو ويندو آهي، جيل موڪليو ويندو آهي، ريمانڊ ورتو ويندو آهي، جرم سخت هجي ته رحم جون اپيلون رد ڪري ان جي موت جو ريڊ وارنٽ جاري ڪيو ويندو آهي، پر الله پاڪ ۽ ٻانهن جو معاملو ئي نرالو آهي، ان جا ٻانها ڏينهن رات گناهن جي سمنڊ ۾ غرق رهندا آهن، پر ان جي باوجود ان جون نعمتون ڏينهن رات انهن کي فيض ياب ڪري رهيون هونديون آهن، هو سج جي ڪرڻن، چنڊ تارن جي رونقن ۽ هوائن کي انهن کان ناهي روڪيندو، بلڪ مبارَڪ ڏهاڙا، مبارَڪ راتون ۽ بيشمار نعمتون عطا فرمائي، طرح طرح جي مصيبتن ۽ آزمائشن ۾ مُبتَلا ڪري ۽ بيماري جهڙي نعمت ۽ رحمت سان سرفراز فرمائي انهن کي گناهن جي بيماري کان شفا ۽ مغفرت جي خيرات عطا فرمائيندو آهي۔