Bimari Kay Faiedy

Book Name:Bimari Kay Faiedy

جي حالت ۾ به ڏينهن جو اڪثر حصو فضول گوئي کان بچندي خاموشي اختيار ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به ضروت مند اسلامي ڀينرن جي مدد ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به عاشقانِ رسول جي صحبت اختيار ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به مدني انعامات جو رِسالو ڀريون، تندرستي جي حالت ۾ به هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماعن ۾ شرڪت ڪريون،  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ، الله پاڪ جي رحمت سان بيماري جي حالت ۾ به اسان جي نيڪين جو ميٽر هلندو رهندو ۽ گناهن کان اسان جي حفاظت ٿيندي رهندي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! يقيناً الله پاڪ پنهنجي ٻانهن تي 70 مائرن کان به وڌيڪ مَحَبَّت فرمائڻ وارو آهي۔ راحت ۽ آساني، ڏُک ۽ تڪليف، بيماريون، گناهن جي معافي ۽ توبه جي توفيق ملڻ سڀ ان جي بخشش جا ڪرشما آهن۔ دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو جُرم ڪندو آهي ته مجرم کي ان جي ڏوھ جي سزا ملندي آهي، مقدمو هلايو ويندو آهي، جيل موڪليو ويندو آهي، ريمانڊ ورتو ويندو آهي، جرم سخت هجي ته رحم جون اپيلون رد ڪري ان جي موت جو ريڊ وارنٽ جاري ڪيو ويندو آهي، پر الله پاڪ ۽ ٻانهن جو معاملو ئي نرالو آهي، ان جا ٻانها ڏينهن رات گناهن جي سمنڊ ۾ غرق رهندا آهن، پر ان جي باوجود ان جون نعمتون ڏينهن رات انهن کي فيض ياب ڪري رهيون هونديون آهن، هو سج جي ڪرڻن، چنڊ تارن جي رونقن ۽ هوائن کي انهن کان ناهي روڪيندو، بلڪ مبارَڪ ڏهاڙا، مبارَڪ راتون ۽ بيشمار نعمتون عطا فرمائي، طرح طرح جي مصيبتن ۽ آزمائشن ۾ مُبتَلا ڪري ۽ بيماري جهڙي نعمت ۽ رحمت سان سرفراز فرمائي انهن کي گناهن جي بيماري کان شفا ۽ مغفرت جي خيرات عطا فرمائيندو آهي۔

اچو! ترغيب جي لاءِ 6 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿيون ته جڏهن ڪا   بيمار ٿئي ته ان کي ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون نصيب ٿينديون آهن، جيئن

(1) ارشاد فرمايائون: الله ڪريم ڪنهن کي جسماني بيماري ۾ مُبتَلا فرمائي ته اها بيماري ان جي لاءِ بخشش جو سبب آهي۔ (تاريخ مدينه دمشق، ۴۷/۲۶۰)

(2) ارشاد فرمايائون: جڏهن مؤمن بيمار ٿيندو آهي ته الله پاڪ ان کي گناهن