Bimari Kay Faiedy

Book Name:Bimari Kay Faiedy

کان ائين پاڪ ڪندو آهي جيئن بٺي لوھ جي ڪٽ کي صاف ڪندي آهي. (اَلتَّرغِيب وَالتَّرهيب،۴ / ۱۴۶ ،حديث: ۴۲)

(3) ارشاد فرمايائون: مريض جا گناھ اهڙي طرح ڇڻندا آهن جيئن وڻ جا پن ڇڻندا آهن۔  (اَلتَّرغِيب وَالتَّرهيب، ۴ / ۱۴۸، حديث: ۵۶)

(4) ارشاد فرمايائون:الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: محتاجي منهنجو قيد خانو جڏهن ته بيماري منهنجي زنجير آهي ۽ مخلوق مان جنهن کي محبوب رکندو آهيان، ان کي ان سان گڏ ٻڌي ڇڏيندو آهيان۔ (قوت القلوب، شرح مقام التوڪل ووصف احوال المتوڪلين، ۲/ ۳۸)

(5) ارشاد فرمايائون: جڏهن ڪو ٻانهو بيمار ٿي ويندو آهي ته الله پاڪ ان ڏانهن ٻه ملائڪ موڪليندو آهي ته وڃي ڏسو منهنجو ٻانهو ڇا چوي ٿو۔ بيمار جيڪڏهن الله ڪريم جي حمد ۽ ثنا ڪندو (مَثال طور اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه چوندو) آهي ته ملائڪ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ وڃي ان جو قَول عرض ڪندا آهن ۽ الله ڪريم خوب ڄاڻي ٿو۔ ارشادِ الٰهي ٿيندو آهي: جيڪڏهن مان هن ٻانهي کي هن بيماري ۾ موت ڏئي ڇڏيان ته ان کي جنّت ۾ داخل ڪندس ۽ جيڪڏهن صحّت عطا ڪئي ته ان کي پهريان کان به بهتر گوشت ۽ رت ڏيندس ۽ ان جي گناھ کي مُعاف ڪري ڇڏيندس۔ (موطّا امام مالڪ،۲/ ۴۲۹،حديث:۱۷۹۸)

(6) ارشاد فرمايائون: جڏهن ٻانهو بيمار يا مسافر ٿيندو آهي ته ان جا اهي ئي عمل لکيا ويندا آهن جيڪي هو تندرسي ۽ گھر ۾ ڪندو هو۔ (بخاري،ڪتاب الجهاد،باب يڪتب للمسافر…الخ،۲/۳۰۸،حديث:۲۹۹۶)

بيان ڪيل آخري حديثِ پاڪ جي حوالي سان حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: يعني جيڪڏهن بيماري يا سفر جي ڪري هو تهجد وغيره نفل نه پڙھي سگھي ته ان کي ان جو ثواب ملي ويندو هن شرط تي جو تندرستي ۾ انهن شين جو پابند هجي۔ حديث جو مطلب اهو ناهي ته بيماري يا سفر ۾ فرض معاف ٿي ويندا آهن، اهي ته ادا ڪرڻا ئي پوندا ۽ جيڪڏهن اهي رهجي ويا ته انهن جي قضاء واجب ٿيندي۔ (مرآة المناجيح،۱/۴۱۳)

سُبْحٰنَ الله! بيان ڪيل حديث سڳورين مان معلوم ٿيو ته ٭ بيماري مغفرت جو سبب آهي، ٭ بيماري گناهن کان پاڪ ڪرڻ جو ذريعو آهي، ٭ بيماري جي سبب گناھ ڇڻي ويندا آهن، ٭ بيماري ۾ مبتلا مسلمان کي الله