Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

انهن ڏهن ڏينهن ۾ پنهنجو ٽائم پاس ڪرڻ ۽ سيرو تفريح خاطر روزانو ۽ ڪي ته هڪ، هڪ ڏينهن ۾ ڪيئي، ڪيئي ڀيرا مويشي منڊي (مال پڙي) ڏسڻ لاءِ ويندا آهن، مويشي منڊي ۾ وڃي وڏن وزني جانورن سان سيلفيون ڪڍرائيندا آهن، سڄو سڄو ڏينهن بلڪ ڪجهه ته سڄيون سڄيون راتيون مويشي منڊين ۾ گھمڻ ڦرڻ ۽ قرباني جي جانورن کي ڏسڻ ۾ گذاري ڇڏيندا آهن، قرباني جي جانورن کي گھٽين ۽ روڊن تي بلا وجهه ڊوڙائيندا آهن، مطلب ته اهي ڏھ ڏينهن عبادتن ۾ گذارڻ بدران عام ڏينهن جيان غفلت ۾ گذري ويندا آهن، جنهن سبب اهي نادان مَعَاذَالله فرض نمازن بلڪ کوڙ سارا نيڪ عمل ڪرڻ کان محروم ٿي ويندا آهن۔ الله ڪريم مسلمانن جي حالِ زار تي رحم فرمائي، انهن کي خوابِ غفلت کان بيدار ٿي ذُوالحِجَّه جي انهن ڏهن ڏينهن جي خوب قدر ڪرڻ ۽ انهن کي وڌ کان وڌ نيڪ عملن ۾ گذارڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔ اٰمين

عبادت میں لگتا نہیں دل ہمارا                                          ہیں عصیاں میں بدمست ہم یاالہی

مجھے دے دے ایمان پر استقامت                                  پئے سیدِ مُحْتَشَم یاالہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ذُوالحِجّةُ الحَرام جو مهينو پنهنجون بهارون لُٽائي رهيو آهي، هن جي آمد ٿيندي ئي سُنَّتِ ابراهيمي جون يادون تازه ٿي وينديون آهن، هر سال لکين مُسلمان هن مُقدَّس مهيني ۾ الله پاڪ جي حڪم جي پيروي، سُنتِ ابراهيمي ۽ سُنَّتِ مُصطَفٰي جي ادائيگي جي لاءِ تيار نظر ايندا آهن تنهنڪري جيڪو مسلمان قرباني ڪرڻ جي طاقت رکندو هجي، ان کي گھرجي ته هو رِضاءِ اِلٰهي جي حُصُول ۽ سُنَّتِ ابراهيمي جي اَدائيگي جي نِيت سان هن مهيني ۾ مالِ حلال مان قُرباني جو فريضو سَر اَنجام ڏي، ڇوته اها تمام وڏي سعادت جي ڳالھ آهي، جيئن