Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

سيپاري 30 سُوْرة ڪوثر جي آيت نمبر2 ۾ ارشادِ باري آهي:

فَصَلِّ لِرَبِّكَ وَ انْحَرْؕ(۲)  (پ۳۰،الڪوثر،۲)               

تَرجموڪنز الايمان: پوءِ تون پنهنجي رب جي لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر.

مشهور مفسرِ قرآن امام فخرُ الدين رازي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن آيتِ مُبارڪه جي تحت فرمائن ٿا ته حنفي عالم سڳورن هن آيت مان اهو اِستِدلال فرمايو ته قُرباني واجب آهي. (تفسير ڪبير،۱۱/۳۱۸)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! احاديث مبارڪ به قرباني جي فضيلت سان مالا مال آهن۔ اچو! قُرباني جي فضيلتن تي مُشتمل چار(4) فرامينِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا، جيئن

٭ ارشاد فرمايائون: قرباني ڪرڻ واري کي قرباني جي جانور جي هر وار جي بدلي ۾ هڪ نيڪي ملندي آهي. (تِرمِذي، ڪتاب الاضاحي ،باب ماجاء في فضل الاضحية، ۳/۱۶۲حديث ۱۴۹۸)

٭ ارشاد فرمايائون: جنهن خوش دلي سان ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ قرباني ڪئي ته اها جهنّم جي باهه کان حِجاب (يعني روڪ) ٿي ويندي. (معجم ڪبير،حسن بن حسن بن علي عن ابيه ،۳/۸۴، حديث :۲۷۳۶)

٭ پنهنجي پياري شهزادي، خاتونِ جنّت کي پياري آقا، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو : اي فاطمه! پنهنجي قرباني وٽ موجود رهو، ڇوته جڏهن ان جي رت جو پهريون قطرو ڪِرندو ته توهان جا سڀ گناهه معاف ڪيا ويندا. (سنن ڪبري لِلْبَيهقِي، ڪتاب الضحايا، باب ما يستحب للمرء الخ ، ۹ / ۴۷۶،حديث :۱۹۱۶۱)

٭ ارشاد فرمايائون: انسان عيدالاَضۡحيٰ جي ڏينهن ڪا اهڙي نيڪي ناهي ڪندو جيڪا الله پاڪ کي رت وهائڻ کان وڌيڪ پياري هجي، اها قرباني قيامت ۾ پنهنجي سڱن، وارن ۽ کُرن سان ايندي ۽ قربانيءَ جو رت زمين تي ڪرڻ کان اڳ ۾ الله وٽ قبول ٿي ويندي آهي۔ تنهنڪري خوش دليءَ