Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

سان قرباني ڪريو۔ (تِرمِذي،ڪتاب الاضاحي، باب ماجاء في فضل الاضحية،۳/۱۶۲حديث:۱۴۹۸)

حضرت علامه شيخ عبدالحق مُحَدِّث دهلوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ قرباني پنهنجي ڪرڻ واري جي نيڪين جي پلڙي ۾ رکي ويندي جنهن سان نيڪين جو پلڙو وزني ٿي ويندو. (اشعة اللمعات ج 1 ص 654)

حضرت سيدنا مُلّا علي قاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ پوءِ ان جي لاءِ سواري بڻجندي جنهن جي ذريعي اهو شخص آسانيءَ سان پلصراط تان گذرندو ۽ ان (جانور) جو هر عضوو مالڪ (يعني قرباني پيش ڪرڻ واري) جي هر عضوي (جي لاءِ جھنم کان آزادي) جو فِديو بڻجندو۔ (مِرْقاة الْمَفاتِيح،۳/۵۷۴،تحت الحديث:۱۴۷۰، مرآة المناجيح،۲ / ۳۷۵)

دے نزع و قبر وحشر میں ہر جا امان،                                                 اور         دوزخ کی آگ سے بچایا ربّ مصطفٰے 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

     اي عاشقانِ رسول! بيان ڪيل احاديثِ مبارڪه مان معلوم ٿيو ته قرباني جي عيد تي الله پاڪ قرباني جو فريضو ادا ڪرڻ وارن خُوش نصيبن کي انهن جي جانورن جي هر وار جي بدران هڪ نيڪي عطا ڪندو آهي، قرباني ڪرڻ وارن کي جهنَّم جي باھ کان نجات ملندي آهي، جانور جي رت جو پهريون قطرو زمين تي ڪرڻ کان پهريان پهريان گُناه معاف ڪيا ويندا آهن، محشر جي ڏينهن قرباني نيڪين جي پلڙي ۾ رکي ويندي ته اها وزني ٿي ويندي ۽ قُرباني ڪرڻ وارو پنهنجي جانور تي سوار ٿي پُل صراط تان آسانيءَ سان گذري ويندو، تنهنڪري جيڪو مسلمان (مرد ۽ عورت، بالغ، مقيم) مالڪ نصاب هجي (يعني اُن شخص وٽ ساڍا ٻاونجھ تولا چاندي يا ايتري ماليت جي رقم يا ايتري ماليت جو واپار جو مال يا ايتري ماليت جو حاجتِ اَصلِيه جي علاوه سامان هجي ۽ اُن تي الله ڪريم يا ٻانهن جو ايترو قَرض نه هجي جنهن کي ادا ڪري ۽ پوءِ بيان ڪيل نصاب باقي نه رهي) ته اهڙي شخص تي شرعاً قرباني واجب آهي۔