Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

ضروري ناهيـ بالغ اولاد يا گهرواريءَ جي طرفان قرباني ڪرڻ چاهي ته انهن کان اجازت وٺي، جيڪڏهن انهن کان اجازت وٺڻ جي بغير ڪري ڇڏيائين ته انهن جي طرفان واجب ادا نه ٿيندو. (بهارِ شريعت،۳/۳۳۴)

اجازت ٻن طريقن سان ٿيندي آهي: (1) صراحةً (يعني واضح طور تي) مثال طور انهن مان ڪو واضح طور تي چئي ڇڏي ته منهنجي طرفان قرباني ڪر. (2) دلالةً مثال طور اهو پنهنجي گهرواريءَ يا اولاد جي طرفان قرباني ڪري ٿو ۽ انهن کي ان جو علم آهي ۽ اهي راضي آهن. (ابلق گھوڙي سوار،ص۹)

(4) قربانيءَ جي وقت ۾ قرباني ڪرڻ ئي لازم آهي ڪا ٻي شيء ان جي قائم مقام ٿي نه سگهندي، مثلاً قرباني ڪرڻ جي بدران ٻڪر يا ان جي قيمت صدقو ڪئي وڃي اهو ناڪافي آهيـ  (فتاويٰ هندية،۵/۲۹۳،بهارِشريعت،۳/۳۳۵ )

(5)  قرباني جي جانور جو بي عيب هئڻ ضروري آهي جيڪڏهن ٿورڙو به عيب هوندو (مثلاً ڪن چيريل هجي يا ڪن ۾ سوراخ هجي) ته قرباني مڪروهه ٿيندي ۽ گهڻو عيب هوندو ته قرباني نه ٿيندي۔ (بهارِ شريعت،٣/٣٤٠ )

قرباني بابت وڌيڪ مسئلا سکڻ جي لاءِ اميرِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو ”ابلق گھوڙي سوار“ ۽ ”بهارِ شريعت“،حصو 15 صفحي 327 تا 353 جو مطالعو فرمايو۔

جنّت جو گھيٽو ڪهڙو هو؟ جنّتي گھيٽي جي گوشت جو ڇا ٿيو؟ ڪعبي شريف کي باھ ڪڏهن ۽ ڪيئن لڳي؟، حضرت سيدنا ابراهيم على نَبِينَاوَعَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلام جون 10 مخصوص فضيلتون ڄاڻڻ جي لاءِ رِسالي "پٽ هجي ته اهڙو!" جو مطالعو اِنتهائي فائديمند رهندو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد