Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

قافلو پهتو۔ نمازِ عصر کان بعد گونگا ٻوڙا اسلامي ڀائر عمومي اسلامي ڀائرن سان گڏ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت جي لاءِ ويا ۽ مسجد جي ويجھو هڪ ميدان ۾ ڪرڪيٽ کيڏندڙ نوجوانن وٽ پهتا۔ پوءِ هڪ عمومي اسلامي ڀاء ٻڌايو ته اسان سان گڏ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ کان محروم اسلامي ڀائر به آهن، اهي اوهان کي اشارن جي زبان ۾ نيڪي جي دعوت پيش ڪندا۔ گونگن ٻوڙن اسلامي ڀائرن اشارن جي زبان ۾ نيڪي جي دعوت پيش ڪئي ۽ انهن کي مسجد ۾ پاڻ سان گڏ هلڻ جي دعوت پيش ڪئي۔ ان کان بعد عمومي اسلامي ڀاءُ به ترغيب ڏياري: اَلْحَمْدُلِلّٰه ”مدني دوره“۾ نيڪي جي دعوت ٻڌي اهو ڪرڪيٽ کيڏندڙ نوجوان ڪنڌ جھڪائي مبلغ سان گڏ مسجد ڏانهن هلي پيو ۽ اهڙي طرح ”مدني دوري“ جي برڪت سان نمازين جي تعداد ۾ اضافو ٿي ويو۔

نہ ’’نیکی کی دعوت‘‘ میں سُستی ہو مجھ سے

بنا شائقِ قافلہ یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اِسلامي مهيني ذِي الحِجَّه جي فضيلت ۽ قرباني جون فضيلتون ۽ مسئلا ٻڌي رهيا هئاسين۔ عام طور تي عيد جي موقعي گوشت جي ڪثرت جي ڪري ڀاڄيون ۽ دالون پچائڻ جو رُجحان تقريباً نه هئڻ جي برابر هوندو آهي ۽ گوشت مان ٺهيل کاڌا پچائڻ کي ئي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي آهي، ان ڪري گوشت مان جيڪي فائدا ۽ ثمرات اسان کي ملڻا هئا، وڌيڪ استعمال جي ڪري اسان انهن فائدن کان محروم ٿي ويندا آهيون ۽ گهڻو گوشت کائڻ جي آفت ۾ مبتلا ٿيڻ جي سبب ڊاڪٽرن ۽ حَڪيمن وٽ ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿي ويندا آهيون، تنهنڪري گوشت جي مُعامَلي ۾ مِيانه رَوي سان ڪم وٺو ۽ گوشت جي نقصان ڏيندڙ اَثرات کي