Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

کي قرباني جي هر وار جي بدلي ۾ هڪ نيڪي ملندي آهي. (تِرمِذي،ڪتاب الاضاحي،باب ما جا ء في فضل الضحية،۳/۱۶۲،حديث:۱۴۹۸) (2) فرمايائون: جنهن شخص کي قرباني ڪرڻ جي وُسۡعَت هجي پوءِ به اهو قرباني نه ڪري ته اهو اسان جي عيد گاهه جي ويجھو نه اچي۔ (اِبن ماجه،ڪتاب الاضاحي، باب الاضاحي واجبة ام لا؟،۳/۵۲۹،حديث:۳۱۲۳) ٭ هر بالغ، مقيم، مسلمان مرد ۽ عورت، مالڪِ نصاب تي قرباني واجِب آهي۔ (فتاويٰ هندية،۵/ ۲۹۲) ٭ جيڪڏهن ڪنهن تي قرباني واجب آهي ۽ ان وقت ان وٽ پيسا نه آهن ته قرض وٺي يا ڪا شيء وڪڻي به قرباني ڪري. (فتاويٰ امجديه، ۳/۳۱۵ملخصاً) ٭ قرباني جو جانور پنهنجي هٿ سان ذبح ڪرڻ افضل آهي ۽ ذبح ڪرڻ وقت آخرت جي ثواب جي نيّت سان اتي موجود رهڻ به افضل آهي۔ (ابلق گھوڙي سوار،ص۱۷) ٭ نابالغ جي طرفان جيتوڻيڪ واجب ناهي پر ڪرڻ بهتر آهي (۽ اجازت به ضروري) ناهي (ابلق گھوڙي سوار،ص٩) ٭ بالغ اولاد يا گهرواريءَ جي طرفان قرباني ڪرڻ چاهي ته انهن کان اجازت وٺي، جيڪڏهن انهن کان اجازت وٺڻ جي بغير ڪري ڇڏيائين ته انهن جي طرفان واجب ادا نه ٿيندو۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۳۴،حصه۱۵ملخصاً) ٭ قربانيءَ جي جانور جي عمر :اُٺُ پنج سالن جو، ڳئون يا مينهن ٻن سالن جي، ٻڪر (هن ۾ ٻڪري، دنبو، رڍ ۽ گهيٽو (نر ۽ مادي( شامل آهن) هڪ سال جو، ان کان گهٽ عمر جو هجي ته قرباني جائز ناهي، وڌيڪ هجي ته جائز بلڪ افضل آهي۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۴۰،حصه۱۵ملخصاً) ٭ قرباني جي جانور جو بي عيب هئڻ ضروري آهي جيڪڏهن ٿورڙو به عيب هوندو (مثلاً ڪن چيريل هجي يا ڪن ۾ سوراخ هجي) ته قرباني مڪروهه ٿيندي ۽ گهڻو عيب هوندو ته قرباني نه ٿيندي۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۴۰،حصه۱۵ملخصاً) ٭ قرباني کان پهريان ان کي چارو پاڻي ڏي، يعني بُکايل اڃايل رکي ذبح نه ڪيو ۽ هڪ جي سامهون ٻي کي ذبح نه ڪيو ۽ پهريان کان ڇري تيز ڪري وٺو ائين نه ٿئي جو جانور کي ليٽائڻ کان پوءِ ان جي سامهون ڇري تيز ڪئي وڃي۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۵۲،حصه۱۵ملخصاً) ٭ سنّت هي هلندي آئي آهي ته ذبح ڪرڻ وارو ۽ جانور ٻئي قبلي رخ هجن۔ (فتاويٰ رضويه،۲۰/۲۱۶) ٭ بهتر هي آهي ته پنهنجي قرباني پنهنجي هٿ سان ڪري جڏهن ته چڱيء طرح ذبح ڪرڻ ڄاڻيندو هجي۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۴۴،حصه۱۵ملخصاً)