Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din
ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو : اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون
اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ
بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن.([1])
(2) سمورا گُناھ مُعاف
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِ نَا وَ مَوْلَانَا مُحَمَّدٍ وَّ عَلٰی اٰلِہٖ وَسَلِّمْ
حضرتِ سَيِّدُنا انس رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته تاجدارِ مدينہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو شَخص هي دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو تو ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.([2])
(3) رَحمت جا ستّر دروازا
صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّدٍ