Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

تلاوت ڪئي وڃي، انهن (10) ڏينهن ۾ پنهنجي زبان کي ذڪر ۽ دُرود سان تر رکڻ گھرجي، انهن ڏهن (10) ڏينهن ۾ خوب خوب نفل عبادت ڪئي وڃي، انهن ڏهن (10) ڏينهن جي راتين ۾ به جاڳي ڪري ربِّ ڪريم جي عبادت ڪئي وڃي، انهن ڏهن (10) ڏينهن ۾ به گناهن کان بچڻ گھرجي، انهن ڏهن (10) ڏينهن ۾ راھ خدا ۾ دل کولي خرچ ڪرڻ گھرجي، انهن ڏهن (10) ڏينهن ۾ خاص ڪري هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ گھرجي، انهن ڏهن (10) ڏينهن ۾ مسجدن کي آباد ڪرڻ گھرجي، انهن ڏهن (10) ڏينهن ۾ مدني ڪمن جون ڌومون مچائڻ گھرجن، انهن ڏهن (10) ڏينهن ۾ هڪ هڪ گھر وڃي پنهنجي پياري تحريڪ دعوتِ اسلامي جي خاطر قرباني جي جانورن جي کلن جي لاءِ رابطا ڪرڻ گھرجن، انهن ڏهن ڏينهن ۾ نه صرف پاڻ مَدَني قافلن ۾ سفر بلڪه عاشقانِ رسول کي به مَدَني قافلن ۾ سفر ڪرائڻ گھرجي۔ الله ڪريم اسان کي ذُوالحِجَّة جي انهن ڏهن (10) ڏينهن جون خوب خوب برڪتون عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

عبادت میں گزرے مری زندگانی                           کرم ہو کرم یا خدا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ذُوالحِجَّة الحَرَام اسلامي سال جو اهو ٻارهون مهينو آهي جيڪو حُرمت وارن مهينن ۾ شامل آهي۔ حُرمت يعني احترام وارا مهينا چار آهن: (1) ذُوالقَعدَة الحَرَام (2) ذُوالحِجَّة الْحَرَام (3) مُحَرَّمُ الحَرَام ۽ (4) رَجَبُ الْمُرَجَّب۔ انهن مان افضل ذُوالحِجَّة الْحَرَام آهي، خاص ڪري هن جا شروعاتي ڏھ ڏينهن ۽ راتين جون فضيلتون ته تمام گھڻيون آهن۔ قرآنِ ڪريم به هن مهيني جي پهرين ڏهن راتين جو قسم ارشاد فرمايو آهي، جيئن

      سيپاري 30سُورهءِ فَجر جي آيت نمبر1 ۽ 2 ۾ ارشادِ باري آهي: