Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

اَلْحَمْدُ ِﷲ ِ،لَاۤاِلٰه اِلَّا اﷲُ ۽ اَﷲُ اَکبَرُ جي ڪثرت ڪريو۔ هڪ روايت ۾ آهي ته انهن ڏينهن ۾ سُبْحَانَ اﷲِ، اَلْحَمْدُ ِﷲِ، لَاۤاِلٰه اِلَّا اﷲُ ۽ ذِڪرُالله جي ڪثرت ڪندا رهو ۽ انهن مان هڪ ڏينهن جو روزو هڪ سال جي روزن جي برابر آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ عمل کي 700 ڀيرا وڌيڪ ڪيو ويندو آهي۔ (شعب الايمان ،باب في الصيام، فصل تخصيص ايام العشر…الخ،۳/۳۵۶ ، رقم: ۳۷۵۸)

      (5) ارشاد فرمايائون: حج جي ڏهن ڏينهن ۾ ڪيل عمل الله پاڪ کي باقي ڏينهن ۾ ڪئي ويندڙ عمل کان وڌيڪ محبوب آهي۔صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو، يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڇا راھِ خدا ۾ وڙهڻ به؟ ارشاد فرمايائون: ها! راھ خدا ۾ وڙهڻ به، سواءِ ان شخص جي جيڪو پنهنجي جان ۽ مال سان گڏ نڪري ۽ انهن ٻنهي مان ڪجھ به واپس نه کڻي اچي۔         (بخاري ، ڪتاب العيد ين ،باب فضل العمل …الخ،۱/۳۳۳، حديث: ۹۶۹)

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ذُوالحِجَّه جي انهن 10 ڏينهن ۾ جيترو ٿي سگھي پنهنجي نيڪين ۾ اضافو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گھرجي ۽ پنهنجي زبان کي فضول ڳالهين کان بچائيندي ذِڪرُ الله سان تر رکيو وڃي جو ذِڪرُالله جون بيشمار فضيلتون آهن۔ اچو! الله پاڪ جي ذِڪر جون ڪجھ فضيلتون ٻڌون ٿا:

٭  هي لفظ الله پاڪ کي پيارا آهن: سُبْحَانَ الله، اَلْحَمْدُلِلّٰه، لَآاِلٰه اِلَّاالله، اَلله اَکبَر (ترمذي ،ڪتا ب الدعوات،باب۶۰،رقم:۳۴۷۳ ،۵/۲۸۶) ٭  سُبْحَانَ الله، اَلْحَمْدُلِلّٰه، لَآاِلٰه اِلَّا الله ،اَلله اَکبَر، انهن مان ڪو به ڪلمو چوڻ سان جنت ۾ هڪ وڻ لڳايو ويندو آهي۔ (ابن ماجه،ڪتاب الادب،باب فضل التسبيح،رقم:۳۸۰۷،۴/۲۵۲) ٭  سُبْحَانَ الله چوڻ سان 20 نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ 20 گناھ مٽايا ويندا آهن۔ (مستدرڪ،ڪتاب الدعا ء والتڪبير الخ،باب فضيلة التسبيح،رقم:۱۹۲۹،۲/۱۹۲) ٭  لَآاِلٰه اِلَّاالله چوڻ سان 20 نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ 20 گناھ مٽايا ويندا آهن۔ (ايضاً) ٭  اَلله اَکبَر چوڻ سان 20 نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ 20 گناھ مٽايا ويندا