Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

آهن۔(ايضاً) ٭  اَلْحَمْدُلِلّٰه رَبِّ الْعَالَمِين چوڻ سان 30 نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ 30 گناھ مٽايا ويندا آهن۔ (ايضاً) ٭  لَآ اِلٰه اِلَّا الله جنت جي چاٻي آهي۔ (مسند احمد،رقم:۲۲۱۶۳،۸/۲۵۷) ٭  سُبْحَانَ الله چوڻ اڌ ميزان کي ڀري ڇڏيندو آهي۔ ٭  اَلْحَمْدُلِلّٰه چوڻ سڄي ميزان کي ڀري ڇڏيندو آهي۔ ٭  لَآاِلٰه اِلَّا الله سڀ کان افضل ذڪر آهي۔ (ابن ماجه، ڪتاب الادب ،باب فضل الحامدين ،رقم: ۳۸۰۰ ،۴ / ۲۴۸ ) ۽ ٭  اَلْحَمْدُ لِلّٰه  سڀ کان افضل دعا آهي۔(ايضاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! هاڻي اسان جيڪي الله پاڪ جي ذِڪر جون فضيلتون ٻڌيون، انهن فضيلتن کان پهريان جيڪي حديث سڳوريون بيان ٿيون انهن سان اهو معلوم ٿيو! ذِي الحِجَّه جا پهريان ڏھ ڏينهن گھڻا عظيم ڏينهن آهن، ذِي الْحِجَّه جي پهريَن ڏھ ڏينهن جو عمل الله کي گھڻو پسند آهي، ذِي الحِجَّه جا پهريان ڏھ ڏينهن تمام گھڻي فضيلت وارا آهن، ذِي الْحِجَّه جي پهريَن ڏھ ڏينهن مان ممنوعه ڏينهن جي علاوه هر ڏينهن جو روزو) هڪ سال جي روزن ۽ هر رات جو قيام لَيلة القَدر جي قيام جي برابر آهي، ذِي الحِجَّه جي پهريان ڏھن ڏينهن ۾ ڪيا ويندڙ عمل تمام گھڻا پاڪيزه ۽ ثواب وارا آهن، ذُوالحِجَّه جي پهريَن ڏھن ڏينهن ۾ عمل جو ثواب 700 ڀيرا وڌايو ويندو آهي، ذِي الحِجَّه جي پهريَن ڏھن ڏينهن ۾ ڪيو ويندڙ عمل باقي ڏينهن ۾ ڪئي ويندڙ عمل جي مقابلي ۾ راھ خدا ۾ وڙهڻ کان وڌيڪ الله پاڪ کي پسند آهي، الغرض ذِي الْحِجَّه جا پهريان ڏھ ڏينهن ڪيئي فضيلتن ۽ برڪتن ۽ خصوصيتن سان مالا مال آهن۔

هر سال يارهن مهينن کان پوءِ ذِي الحِجَّه جي مقدس مهيني ۾ اهي مبارڪ ڏينهن ايندا آهن ۽ پنهنجو فيضان ورهائي يارهن مهينن جي لاءِ تشريف کڻي ويندا آهن، پر افسوس! هڪ تعداد آهي جيڪا انهن ڏهن ڏينهن کي به ٻين ڏينهن جيان غفلتن ۾ گذاري ڇڏيندي آهي، مثال طور ڪي نوجوان