Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan
احوال بيان فرمائن ٿا ته صاحبِ خزائن العرفان صدر الافاضل حضرت علامہ مولانا سيّد محمد نعيم الدين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو روزانو معمول هو ته صبح جي نماز پاڙي واري مسجد ۾ باجماعت ادا فرمائيندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مسجد وڃڻ کان اڳ ۾ ئي هڪ چئن فٽن جي ٿانوء ۾ چانهه جو سامان وڌو ويندو هو ۽ باهه ٻاري ويندي هئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن نماز پڙهي ڪري واپس تشريف کڻي ايندا هئا ته چانهه تيار ٿي ويندي هئي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اوطاق ۾ ويهي رهندا هئا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي عقيدتمندن جو وڏو ميڙ جمع ٿي ويندو هو، عام طور تي پنجاهه کان ٻه سؤ ماڻهن تائين جو ميڙ هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اچڻ وارن جو ايڏو ميڙ هوندو هو جو اوطاق ۽ ٻاهرين اڱڻ ٻنهي ۾ بلڪل جڳهه نه بچندي هئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ويهندي ئي خادم چانهه سان ڀريل هڪ ڪوپ ساسر ۾ لڳائي ڪري چانهه جي پيالي تي هڪ بسڪيٽ رکي ڪري سندن خدمت ۾ پيش ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اها پيالي پنهنجي مبارڪ هٿن سان کڻي پنهنجي ساڄي پاسي ويهڻ وارن کي ڏئي ڇڏيندا هئا، اهڙيءَ ريت چار ڇهه پياليون پاڻ ورهائيندا هئا. باقي رهيل پوري مجمعي ۾ خـادم اهڙيءَ ريت هڪ هڪ بسڪيٽ ۽ هڪ هڪ چانهه جي پيالي ورهائيندا هئا، هڪ پيالي چانهه ۽ هڪ بسڪيٽ پاڻ به کائيندا هئا. ڄڻ ته هي سندن صبح جو ناشتو هوندو هو.
حضرت مولانا سيّد منظور احمد صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڏي يقين سان فرمائن ٿا، حاضرين ٿورا هجن يا گهڻا مون اها ڳالهه خاص طور تي نوٽ ڪئي ته اها ئي هڪ ڀيري جي بڻايل چانهه روزانو اچڻ وارن تمام ماڻهن جي لاءِ ڪافي هوندي هئي. ڪڏهن ائين نه ٿيو ته حاضرين جو تعداد گهڻو ٿي ويو هجي ۽ وڌيڪ انتظام ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي هجي. حضرت مولانا سيّد منظور احمد صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مٿي ذڪر ڪيل بيان هن ڳالهه جي طرف واضح اشارو ڏئي رهيو آهي ته اها حضرت صدر الافاضل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي معمولات وارن ڪرامتن مان هڪ انتهائي ڪريماڻي ڪرامت آهي۔ (تاريخِ اسلام ڪي