Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

،حدیث:۱۸) ٭ مِسواڪ جو استعمال پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو ڇو ته هي وات جي صفائي ۽ ربّ تعاليٰ جي رضا جو سبب آهي. (مسند احمد ،مسند عبد اللہ بن عمر، ۲ /۴۳۸،حدیث:۵۸۶۹)  ٭ حضرت سيدنا ابن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ ڏهه خوبيون آهن: وات کي صاف ڪري ٿو، مسوڙن کي مضبوط ڪري ٿو، نظر تيز ڪري ٿو، بلغم ختم ڪري ٿو، وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو، سنت جي موافق آهي، فرشتا خوش ٿين ٿا، ربّ عَزَّوَجَلَّ راضي ٿئي ٿو ٭ حضرت سيدنا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: چار شيون عقل وڌائينديون آهن: فضول ڳالهين کان پرهيز، مسواڪ جو استعمال، نيڪ ماڻهن جي صحبت، پنهنجي علم تي عمل ڪرڻ. (حياة الحيوان،۲/۱۶۶) ٭ مسواڪ کٻڙ جو يا زيتون يا نم وغيره جي ڪَوڙي ڪاٺي هجي ٭ مسواڪ جي ٿولھ چيچ جي برابر هجي ٭ ڏندڻ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلايو نه، جو هي سنّت ادا ڪرڻ جو ذريعو آهي، ڪنهن جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا سمنڊ ۾ وجھي ڇڏيو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد