Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جو حديث سڳورين ۾ انهن جو شان بيان ڪيو ويو آهي۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن کي الله پاڪ پنهنجي محبوبِ پاڪ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي رفاقت جي لاءِ چونڊيو۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن کي سڀ کان پهريان تبليغِ اسلام جون سعادتون مليون۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن دِينِ اسلام جي ترويج ۽ اشاعت جي لاءِ ڪافرن جي ظلم ۽ ستم کي برداشت ڪيائون۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن جي بي پناھ ڪوششن سان پرچمِ اسلام سڄي دنيا ۾ بلند ٿي ويو۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن دِين جي تبليغ جي لاءِ پنهنجو تن من ڌن سڀ قربان ڪري ڇڏيو۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن ابتداءِ اسلام جي مشڪل ماحول ۾ بک اُڃ برداشت ڪري، پيٽ تي پٿر ٻڌي، قريبي رشتيدارن جون دشمنيون سهي ۽ انهن سان جنگون وڙهي به پرچمِ اسلام کي اُونچو رکيائون. ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن جي بيشمار محنتن ۽ لازوال قربانين جو نتيجو آهي جو اڄ اسان الله پاڪ ۽ ان جي پياري رسول عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جو نالو وٺندڙ آهيون، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه سميت تمام صحابَه ڪرام سان محبت ڪريون ۽ انهن جي محبت پنهنجي اولاد کي به سيکاريون۔

صحابہ ہیں تاجِ رِسالت کے لشکر

اِنہیں میں ہیں صِدیق و فاروق و عثماں

پسِ مَرگ اے اعظمی! یہ دُعا ہے              رسولِ خُدا تاجدارِ صحابہ

اِنہیں میں علی شہسوارِ صحابہ

بنوں میں غُبارِ مزارِ صحابہ

هر صحابي نبي *****جنّتي جنّتي

هر صحابي نبي *****جنّتي جنّتي

چار يارِ نبي *****جنتي جنتي                      ابوبڪر و عمربھي *****جنّتي جنّتي

عثمانِ غني ***** جنّتي جنّتي                      فاطمه ۽ علي ***** جنّتي جنّتي

حسن به حسين به ***** جنّتي جنّتي             هر صحابي نبي ***** جنّتي جنّتي

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد