Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

ٻاهر نه نڪرنديس۔ راوي جو بيان آهي ته الله پاڪ جو قسم! هو پنهنجي دروازي کان ٻاهر نه نڪتيون ايستائين جو سندن جنازو ئي ٻاهر ڪڍيو ويو۔ (در منثور، الاحزاب، تحت الآية: ۳۳، ۶/۵۹۹-۶۰۰)

(2)  حضرت بي بي عائشه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: اسان ازواجِ مطهرات (حج جي سفر ۾) رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ احرام جي حالت ۾ هيوسين، جڏهن سوار اسان جي سامهون کان گذرڻ لڳندا ها ته اسان مان هر هڪ پنهنجي چادر کي پنهنجي مٿي کان لٽڪائي چهري جي سامهون ڪنديون هيوسين ۽ جڏهن هو اڳتي وڌي ويندا ها ته اسان چهرو کولي ڇڏينديون هيوسين۔ (ابو داؤد، ڪتاب المناسڪ، باب في المحرمة تغطي وجهها، ۲/۲۴۱،حديث: ۱۸۳۳)

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ازواجِ مطهرات جي پردي جو اهو حال هو جڏهن ته اسان جي پردي جي حالت ڪنهن سان لڪيل نه آهي، الله پاڪ اسان کي هدايت ۽ عقلِ سليم عطا فرمائي ۽ پنهنجي بگڙيل حالت سُڌارڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ سنّتن تي عمل ڪرڻ، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪن جي نقشِ قدم تي هلڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي، اوهان به عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ واريون بڻجي وڃو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه گھڻيون خوبيون رکڻ وارا ها، ڪهڙو اهڙو نيڪ وصف آهي جيڪو سندن ذات ۾ نه موجود هجي۔ ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه خوفِ خدا جا پيڪر ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه حقيقي عبادت گذار ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سڄي زندگي زُهد و تقويٰ سان ڀرپور هئي ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جون اکيون اڪثر خوفِ خدا سان آليون رهنديون هيون ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه ٻين کي به تقويٰ و پرهيزگاري جو درس ڏيندا ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه اهڙا متقي (يعني پرهيزگار) ها ۽ جيڪو سندن صحبت ۾ رهندو هو اهو به متقي بڻجي ويندو هو، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ