Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

انسان جي عادتن ۽ طور طريقن سان ٿيندو آهي جيئن ناراض ٿيڻ، بيزار ٿيڻ، نرڙ تي گهنج هڻڻ، مٿي کي هڪ طرف جهڪائڻ، ٽيڪ لڳائي کائڻ، آڪڙجي هلڻ وغيره ۽ ڪڏهن ڳالهائڻ سان مثلاً هي چوڻ: ”(تون منهنجي سامهون ڪجھ به نه آهين) تنهنجي اها هِمّت جو مون کي جواب ٿي ڏئين“ وغيره وغيره۔ مطلب ته مختلف حالن، ڳالهين ۽ ڪمن جي ذريعي تڪبّر جو اظهار ٿي سگهي ٿو۔ وري ڪِن مغرورن ۾ اظهار جا سڀ انداز ڏٺا ويندا آهن ۽ ڪِن مُتَڪَبِّرن ۾ ڪجهه۔ پر ياد رهي ته اهي سڀ ڳالهيون اُن وقت تڪبر جي دائري ۾ اينديون، جڏهن ته دل ۾ تڪبر موجود هجي، فقط انهن شين کي تڪبر نٿو چئي سگهجي۔ (ماخوذ از احياء العلوم ، ۳/۴۳۴)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ياد رهي ته تڪبُّر“ جي ضروري معلومات ۽ ان مهلڪ (يعني هلاڪ ڪرڻ واري) مرض کان بچڻ جي طريقن کي ڄاڻڻ به فرض آهي ۽ هاڻي اسان ٻڌو ته تڪبُّر ڪيتري قدر هلاڪت ڪندڙ بيماري آهي جو جنهن بدنصيب کي اها بيماري لڳي وڃي ان کي تباهي ۽ بربادي جي ڏاڪڻ تي بيهاريندي آهي ۽ نيٺ ان کي جهنم جو حقدار بڻائيندي آهي، تنهنڪري عافيت انهيء ۾ آهي ته اسان پنهنجي ڪمزور بدن تي رحم ڪريون ۽ جهنم جي تباھ ڪارين کان پنهنجو پاڻ کي ڊيڄاريون، جڏهن به نفس ۽ شيطان ڪنهن اسلامي ڀيڻ کي حقير سمجھي ۽ غرور ۽ تڪبُّر جو مظاهرو ڪرڻ تي اُڀارين ته اسان کي پنهنجي ماضي، پنهنجي اوقات ۽ الله پاڪ جي عطائن تي غور ڪرڻ گھرجي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عاجزي اختيار ڪرڻ ۽ تڪبُّر کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِينْ بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! پهرين حڪايت ۾ اسان ٻڌو ته حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو وصف اهو بيان فرمايو هو ته حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه حق ڳالھ ڪن ٿا، حق جي  طرف هدايت ڏين ٿا ۽ حق سان ئي ان دنيا کان تشريف کڻي ويا، واقعي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان اهو هو ته سندن  جي زبان مان حق ئي نڪرندو هو، پاڻ حق ئي جي طرف هدايت ڏيندا هئا ۽ حق