10 Muharaam Ki Barakaat

Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

ڪاميابي ۽ ڀلائي ماڻڻ، پنهنجي ۽ پنهنجي گھر وارن جي دنيا و آخرت بهتربنائڻ ۽ ربِّ ڪريم جي رضاحاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ” قافلو“ به آهي، ياد رکو! دعوتِ اسلامي جا قافلا جتي مختلف ڏينهن ۽ مختلف تاريخن تي سفر ڪندا آهن، اتي بُزرگانِ دين جي عرس ۽ خاص ڪري محرّ م الحرام جي 8، 9، 10يا وري 9، 10،11 تي شهيدانِ ڪربلا ۽ امامِ عالي مقام، امامِ حُسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي بارگاھ ۾ ايصالِ ثواب پيش ڪرڻ جي نيت سان ڪثير عاشقانِ رسول راھ خُدا ۾ سفر ڪن ٿا، تنهنڪري اوهان پاڻ به ۽ پنهنجي والد، پٽ، ڀاء، ۽ دوستن کي انهن مدني قافلن ۾ وڃڻ جي ترغيب ڏياريو ۽ ڪربلا وارن جي بارگاھ ۾ ايصالِ ثواب پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريو.

هن سال 8، 9، 10محرم جو 3 ڏينهن جي قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي لاءِ اميراهلسنت دعا به فرمائي آهي، اچو! اسان به اها دعا توجهه سان ٻڌون ٿا، تمام اسلامي ڀائر ڪوشش ڪن ته اميراهلسنت جي هن دعا مان حصو ماڻن ۾ اسان کي به ڪاميابي نصيب ٿي وڃي.

دعاءِ عطار: ياالله! جيڪو به منهنجو مدني پٽ 3 ڏينهن جي قافلي ۾ سفر ڪري يا منهنجي مدني ڌيءُ ڪنهن محرم يا پنهنجي گهرواري کي تيار ڪري ۽ سفر ڪرائي، انهن سڀني عاشقانِ صحابه ۽ اهل بيت (رضوان اللہ علیھم اجمعین) کي ٻنهي جهانن جون ڀلايون نصيب فرما ۽ بي حساب مغفرت انهن جو مقدر بڻائي ڇڏ.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 اَلْحَمْدُ لِلّٰه مَدَني قافِلن جي بَرَڪت سان ماڻهن جي زندگين ۾ مَدَني انقلاب برپا ٿي چڪو آهي۔٭مَدَني قافِلي ۾ سفر ڪرڻ سان نيڪ ماڻهن جي صحبت ملندي آهي۔٭مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجد ۾ نَفلي اِعتڪاف ڪرڻ جي