10 Muharaam Ki Barakaat

Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

مقام امامِ حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه ڪربلا جي ميدان ۾ خطبو ارشاد فرمائي رهيا هئا ان وقت پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي مظلوم قافلي جي خيمن جي حفاظت جي لاءِ کڏ ۾ ٻرندڙ باھ جي طرف ڏسي هڪ بدزبان يزيدي (مالڪ بن عُروه) هن طرح بڪواس ڪرڻ لڳو؛ ”اي حسين! تون اتان جي باهه کان اڳ هتي باھ لڳائي ڇڏي!“ حضرت سيّدُنا امامِ حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه فرمايو؛ كَذَبْتَ يَا عَدُوَّ اللّٰه يعني ”اي خدا جا دشمن! تون ڪوڙو آهين، ڇا توکي هي گمان آهي ته معاذالله مان دوزخ ۾ ويندس!“

      اُن گستاخ و بدبخت جا الفاظ ٻڌي حضرتِ سيدنامسلم بن عوسجهرَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جن حضرت امامِ حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه کان ان بد زبان بي ادب جي منهن تي تير هڻڻ جي اجازت گهري۔ پر صبروتحمل جا پيڪر حضرت ِسيدنا امام ِحُسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جن اهو فرمائي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيائون ته اسان جي طرفان حملي جي شروعات نه ٿيڻ گهرجي، پوءِ حضرتِ سيدناامامِ حُسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه هٿ مٿي کڻي عرض ڪيائون؛ ”اي ربّ! هن گستاخ کي جهنّم جي باهه واري عذاب کان اڳ هن دنيا ۾ ئي باهه جي عذاب ۾ مبتلا فرماءِ۔“ فورًا دعا قبول ٿي ۽ ان جي گهوڙي جو پير(کُر) زمين ۾ ڪنهن سوراخ ۾ پيو جنهن سان گهوڙي کي ٿاٻو آيو ۽ بي ادب گستاخ يزيدي گهوڙي تان ڪريو، ان جو پير رَڪاب ۾ اٽڪي پيو، گهوڙو ان کي گهليندي ڀڳو ۽ پوءِ باهه جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيائين ۽ بد نصيب باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو۔ حضرتِ سيدناامامِ حُسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه شڪراني جو سجدو ادا ڪيو، الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا بيان ڪئي ۽ عرض ڪيائون؛ ”اي الله تنهنجو شڪر آهي جو تو آلِ رسول جي گستاخ کي سزا ڏني۔“ (سوانحِ ڪربلا،ص۱۳۸ ماخوذاً۔ڪرامات امام ِ حسين ، ص۷ملخصاً)

اَہلبیتِ پاک سے بے باکیاں گستاخیاں                               لَعنَۃُ اللہِ عَلَیکُم دُشمنَانِ  اَہلبیت

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان هڪ ته حضرتِ سَيدُنا امامِ حُسين رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي شان و شوڪت ۽ بارگاھ الهي ۾ مقام و مرتبو ظاهر ٿي رهيو آهي جو اڃا سندن زبان مان لفظ نڪتا ئي هئا ته يڪدم الله پاڪ جي بارگاه ۾ قبول ٿيا ۽ هو گستاخ ۽ بد بخت دنيا و آخرت ۾ ذليل و رسوا ٿيو ۽