10 Muharaam Ki Barakaat

Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

سُلوڪ ڪندو، مان قِيامت جي ڏينهن ان جو صِلو (بَدلو) ان کي عطا ڪندس۔ (جامع صغير، ص۵۳۳، حديث:۸۸۲۱) (2) فرمايائون: جيڪو شخص اَولادِ عَبدُ المُطَّلِب مان ڪنهن سان دُنيا ۾ نيڪي (ڀلائي) ڪري ان جو صِلو ڏيڻ مون تي لازِم آهي جڏهن اهو قِيامت جي ڏينهن مون سان ملندو۔ (تاريخ بغداد،۱۰/ ۱۰۲،حديث:۵۲۲۱)٭ سيد سڳورن جي تعظيم فرض آهي ۽ اُنهن جي توهين حرام۔(ڪفريه ڪلمات ڪے بارے ميں سوال جواب ،ص۲۷۷)٭سيد سڳورن جي تعظيم ۽ تڪريم جو اَصل سبب هي آهي ته هي حضرات رسُول ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسمِ اَطهر جو ٽڪر آهن۔(سادات ڪرام ڪي عظمت، ص۷)٭سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم وتوقير مان هي به آهي ته اهي تمام شيون جيڪي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نسبت رکن ٿيون انهن جي تعظيم ڪئي وڃي۔ (اَلشِّفا، الباب الثالث في تعظيم امره،فصل ومن اِعظامهٖ...الخ،ص۵۲،الجزء ۲ )۔(سادات ڪرام ڪي عظمت، ص۸) ٭تعظيم جي لاءِ نه يقين دَرڪار آهي ۽ نه ئي ڪا خاص سند جي حاجت تنهنڪري جيڪي ماڻهو سيد سڏرائين ٿا انهن جي تعظيم ڪرڻ گھرجي۔ (سادات ڪرام ڪي عظمت ص۱۴)٭ جيڪو واقعي ۾ سيد نه هجي ۽ ڄاڻي سيد بڻيو هو ملعون (لعنت ڪيو ويو) آهي، نه ان جو فرض قبول ٿئي نه نفل۔(سادات ڪرام ڪي عظمت، ص۱۶)٭ جيڪڏهن ڪو بد مذهب سيد هئڻ جي دعويٰ ڪري ۽ ان جي بدمذهبي حدِّ ڪفر تائين پهچي چڪي هجي ته هرگز ان جي تعظيم نه ڪئي وڃي۔(سادات ڪرام ڪي عظمت، ص۱۷)٭ سيدن جي تعظيم حضور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم آهي۔(فتاويٰ رضويه ،٢٢/ ٤٢٣ ، ماخوذا)۔ (سادات ڪرام ڪي عظمت، ص۸)٭استاد به سيد کي مارڻ کان پرهيز ڪري۔(ڪفريه ڪلمات ڪے بارے مين سوال جواب،ص۲۸۴)٭ سيد سڳورن کي اهڙي ڪم تي مُلازم رکي سگھجي ٿو جنهن ۾ ذِلَّت نه هجي البت ذِلَّت وارن ڪمن ۾ انهن کي ملازم رکڻ جائز نه آهي۔(سادات ڪرام ڪي عظمت، ص۱۲)٭سيد جي بطورِ سيد يعني هو سيد آهي ان ڪري توهين ڪرڻ ڪفر آهي۔( ڪفريه ڪلمات ڪے بارے ميں سوال جواب ص۲۷۶)