10 Muharaam Ki Barakaat

Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

کان افضل عمل مسلمان جي دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ آهي۔ (معجم ڪبير، ۱۱/۵۹، حديث:۱۱۰۷۹)

ارشاد فرمايائون: بيشڪ مغفرت کي واجب ڪرڻ وارين شين مان تنهنجو پنهنجي مسلمان ڀاء جي دل خوش ڪرڻ به آهي۔ (معجم اوسط، ۶/۱۲۹،حديث:۸۲۴۵)

ارشاد فرمايائون: جيڪو شخص ڪنهن مسلمان جي دل خوش ڪندو آهي ته الله پاڪ ان خوشي سان هڪ ملائڪ پيدا ڪندو آهي جيڪو الله پاڪ جي عبادت ۽ ان جي وحدانيت بيان ڪندو رهندو آهي۔ جڏهن هو شخص مرڻ کان پوءِ پنهنجي قبر ۾ پهچندو آهي ته اهو ملائڪ ان وٽ اچي چوندو آهي: ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟ جواب ڏيندو آهي: توهان ڪير آهيو؟ هو چوندو آهي: مان اها خوشي آهيان جيڪا تو فلاڻي ٻانهي جي دل ۾ داخل ڪئي هئي ۽ اڄ مان تنهنجي دل وندرائي پريشاني پري ڪندس، مان توکي تنهنجي حجت ياد ڏياريندس، مان نڪيرين جي جواب ۾ تون کي حق تي ثابت قدم رکندس، مان قيامت جي ڏينهن تون سان گڏ هوندس، ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ تنهنجي شفاعت ڪندس ۽ جنت ۾ تنهنجو مقام ڏيکاريندس۔ (موسوعة ابن ابي الدنيا، قضاء الحوائج،۴/۲۱۳، حديث: ۱۱۵)

      شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه ڪيتري پياري دعا ڪن ٿا ته

اُمّتِ محبوب کا یاربّ بنا دے خیر خواہ

نفس کی  خاطر کسی سے دل میں  میرے  ہو  نہ  بیر

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هوئين ته محرّمُ الحرام جو سڄو مهينو ئي رحمتن ۽ برڪتن ڀريو آهي پر خاص (Specially) هن مهيني جو ڏهون ڏينهن جنهن کي عاشوراء چيو ويندو آهي ان جي شان و عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي،