Imam Hussain Ki Ebadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

وَسَلَّمَ جا ڏوهٽا آهن، حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه اهلِ بيت مان آهن ۽ اهلِ بيتِ ڪرام (عليھم الرضوان) جو شان  اهو آهي جو آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمارشاد فرمايو: ڪو ٻانهو ڪامل مؤمن تيسيتائين نٿو ٿي سگهي جيستائين مونکي پنهنجي جان کان وڌيڪ نه چاهي ۽ منهنجي ذات ان کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ محبوب نه هجي ۽ منهنجي اولاد ان کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ پياري نه هجي ۽ منهنجا اهلبيت ان کي پنهنجي گهر وارن کان وڌيڪ پيارا ۽ محبوب نه هجن. (شعب الایمان،باب فی حب النبی،  ۲/ ۱۸۹ ،حدیث: ۱۵۰۵) حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه صحابه ڪرام ۾ شامل آهن ۽ صحابه ڪرام (عليھم الرضوان) جو  شان اهو آهي ته مديني جي تاجدار، بيڪسن جي مددگارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ارشاد فرمايو: توهان جو جبل جيترو سون خيرات ڪرڻ منهنجي ڪنهن صحابي جي سوا سير جَو خيرات ڪرڻ بلڪ ان جي اڌ جي برابر به نٿو ٿي سگهي۔“ ( بخاری،کتاب فضائل اصحاب النبی،باب قول النبی لو کنت متخذا خلیلا، ۲ /۵۲۲،حدیث: ۳۶۷۳) انهن تمام فضائلن جي باوجود امام حسين جو حال اهو آهي جو فرض سان گڏوگڏ نفل عبادت جي ڪثرت ڪري رهيا آهن۔  

      اي عاشقانِ صحابه ۽ اولياء! اسان جا بُزرگانِ دينرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهاجمعينڪثرت سان ربِّ ڪريم جي عبادت ۽ نفل نمازن جي ڪثرت ڪندا هئا جڏهن ته ٻئي پاسي اسان جي فرض نمازن جي معاملي ۾ سستي مُسلسل وڌندي پئي وڃي، ڪنن ۾ آذان جو آواز ايندو آهي پر اسان پنهنجي ڪم ڪار جي مصروفيتن جو بهانو بڻائي يا وري سُستي جي ڪري نماز قضا ڪرڻ ۾ شرم محسوس نٿا ڪيون، جڏهن ته گُناھ ڪرڻ جي لاءِ اسان جي سُستي يڪدم چُستي ۾ بدلجي ويندي آهي۔ ڪجھ ته اهڙا به ڇڙواڳ ۽ ڳالهڙو هوندا آهن جو جڏهن اُنهن کي دِين جو درد رکڻ وارو ڪو اسلامي ڀاءُ سمجھائيندي نيڪي جي دعوت ڏي ۽ نماز پڙھڻ يا قضا نمازون ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ته چوندا آهن اِنْ شَآءَالله ايندڙ جمعي کان ٻيهر نمازون پڙھڻ شُروع ڪنداسين يا رَمضان کان باقاعده نمازن جو اهتمام ڪنداسين“ ائين ڪنهن قسم جي شرم ۽ جِھجڪ جي بنا وڏي دليري سان مَعَاذَ الله هن ڳالھ جو ڄڻ ته اِقرار ڪري رهيا هوندا آهن ته اسان جو نمازون ڇڏڻ جو اهو ڪبيره گُناھ جُمعي جي ڏينهن تائين يا رمضانُ