Imam Hussain Ki Ebadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

ڳالهائڻ، اٿڻ، ويهڻ، هلڻ ڦرڻ، حيا، لحاظ، بزرگن جي تعظيم، ماءُ پيءُ، استاد ۽ دُختر (يعني نياڻي) کي مڙس جي به اِطاعت جا طريقا ۽ آداب ٻڌائي۔ ٭ قرآنِ مجيد پڙھائي۔٭ نيڪ، صالح، متقي، صحيح العقيده، وڏي عمر واري استاد جي حوالي ڪري ۽ دُختر(نياڻي) کي نيڪ پارسا عورت کان پڙھائي۔٭ ختمِ قرآن کان پوءِ هميشه تلاوت جي تاڪيد ڪري۔ ٭ عقائدِ اسلام ۽ سنَّت سيکاري ڇوته لوح ساده فطرتِ اسلامي ۽ قبولِ حق تي مخلوق آهي (يعني ننڍا ٻار دينِ فطرت تي پيدا ڪيا ويا آهن اهي حق کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا تنهنڪري) ان  وقت جو سکاريل پٿر تي لڪير آهي۔ ٭حضورِ اقدس، رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت ۽ تعظيم انهن جي دل ۾ وجھي ڇوته اصلِ ايمان ۽ عينِ ايمان آهي۔٭حضورپُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آل ۽ اَصحاب ۽ اولياء ۽ عالمن جي محبت ۽ عظمت سيکاري ڇوته اصلِ سنَّت ۽ زيورِ ايمان بلڪ ايمان جي بقا جو سبب آهي۔٭ ست سالن ( Years7) جي عمر کان نماز جي زباني تاڪيد شروع ڪري ڇڏي۔٭علمِ دِين خاص ڪري وُضو، غسل، نماز ۽ روزي جا مَسئلا توڪل، قناعت، زُهد، اِخلاص، تواضع، اَمانت، صِدق، عدل، حيا، دل جي سلامتي ۽ زباني جي حفاظت وغيره  خوبين جا فضائل، حرص ۽ طمع، حُبِّ دُنيا، حُبِّ جاه، رِيا، عجب، تڪبُّر، خِيانت، ڪذب، ظُلم، فحش، غيبت، حسد، ڪينه وغيره بُرائين جا نقصان پڙھائي۔٭ خاص پسر (يعني پٽ) جي حقن مان اهو آهي ته ان کي لکڻ، ۽ ڪنهن فن ۾ ماهر ڪري، سورهٔ مائده جي تعليم ڏي۔ ٭ خاص دُختر (يعني نياڻي) جي حقن مان اهو آهي ته ان جي پيدا ٿيڻ تي ناخوشي نه ڪري بلڪ نعمتِ اِلٰهي سمجھي، ان کي سُبڻ، ڀرت ڀرڻ، رڌ پچاء وغيره سيکاري ۽ سوره نور جي تعليم ڏي۔  (فتاویٰ رضویہ، ۲۴/۴۵۲ تا ۴۵۵ ملخصاً)

      ياد رکو! جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻارن جي اصلاح جي ڪوشش نه ڪئي ۽ انهن کي نماز، روزي جو پابند نه بڻايو ته بروزِ قيامت جي رسوائي (Disgrace) سان گڏوگڏ دنياوي نقصان اهو ٿيندو ته اهي وڏا ٿي اسان جي ڳالھ نه مڃندا، اسان کي اکيون ڏيکاريندا ۽ روز روز اسان جي پريشانين ۾ واڌاري جو سبب ٿيندا رهندا پر ان وقت پڇتائڻ کان علاوه ٻيو ڪجھ نه