Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat
ورندو۔
مری آنیوالی نسلیں تیرے عشق ہی میں مچلیں
انہیں نیک تُو بنانا مدنی مدینے والے!
(وسائلِ بخشش مرمم، ص ۴۲۹)
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ امامِ حسين! جهڙي طرح سَيدنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڪثرتِ عبادت جو ذوق ۽ شوق هو ۽ ڪثرت سان نفل ادا ڪرڻ جو شوق هو، اهڙي طرح پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪرڻ جو به تمام گھڻو شوق هو، اچو! سندن جي ڪثرت سان تلاوتِ قرآن بابت ٻڌون ٿا:
حضرتِ سَيدنا اِمام شَعبيرَحْمَة الله عَلَيهفرمائن ٿا:رَاَيتُ الْحُسَينَ يتَخَتَّمُ فِي شَهْرِ رَمْضَان يعني مون ڏٺو ته سيدنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه رَمَضانُ المُبارڪ ۾ مڪمل قرآنِ مجيد ختم ڪندا هئا۔(سير اعلام النبلا ء،الحسين بن علي،۴/۴۱۰)
حضرتِ سَيدُنا امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْهقرآن جا عالمِ باعمل، تقويٰ ۽ پرهيزگاري جا پيڪر، خوفِ خُدا رکڻ وارا ۽ گھڻي سخاوت ڪندڙ هئا۔(شہادت نواسہ سید الابرار،ص۴۷۳ملخصاً)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سَيدُنا امامِ حسين جي قرآن ڪريم ۽ نمازن سان محبت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته 9مُحَرَّمُ الحَرام جو جڏهن يزيدين سان باهمي صلح جي اُميد ختم ٿي وئي ته امامِ عالي مقام، امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي ڀاءُ کي فرمايائون ته ڪنهن نموني اها لڙائي سڀاڻي تائين مؤخر ٿي وڃي ۽ اڄ جي رات اسان کي عبادت ِالٰهي جي لاءِ ملي وڃي ته بهتر آهي، پاڻ