Imam Hussain Ki Ebadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”بعدِ فجر مدني حلقو“ به آهي۔ جنهن ۾ فجر جي نماز جي جماعت کان پوءِ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم ڪيئي مسجدن ۾ روزانو (3) آيتن جي تلاوت مع ترجَموڪنز الايمان ۽ تفسيرخزائنُ العرفان، تفسير نُورالعرفان يا تفسير صِرَاطُ الجِنَان، (درسِ فيضانِ سُنَّت)، منظوم شجرهٔ قادِريه رَضَويه عطاريه پڙھڻ ۽ ٻڌڻ جو معمول هوندو آهي۔

      12 مدني ڪمن مان هن مدني ڪم ’’بعدِ فجر مدني حلقه‘‘ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ’’بعدِ فجر مدني حلقه‘‘ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو مڪتبة المدينه تي دستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان به پڙهي سگھجي ٿو، هن رسالي ۾ اوهان پڙهي سگھندو۔

     ٭بعدِ فجر مدني حلقو ڇا کي چئبو آهي؟ ٭ مدني حلقو لڳائڻ جو طريقو ٭ اسلاف جا مدني حلقا ٭ مدني حلقي جي معمولات جي وضاحت ٭ فيضانِ سنّت بابت مفيد ڳالهيون ٭ شجرو شريف پڙھڻ جون برڪتون ٭ دعا جا فائدا٭ اِشراق ۽ چاشت جون برڪتون ٭ مدني حلقو لڳائڻ جا فائدا ۽ ٭ مدني حلقو لڳائڻ جو ڪجھ احتياطون وغيره

     ٭ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان مسجِد ۾ ويهڻ جو ثَواب حاصِل ٿيندو آهي،٭ فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان تِلاوتِ قُرآن ڪرڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي،٭ فجر کان پوءِ مَدَني حلقو قُرآنِ ڪريم جو ترجمو ۽ تفسير سان سمجھڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، ٭ فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل ٿي ويندو آهي،٭ فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان اِشراق ۽ چاشت جا نفل پڙھڻ جو موقعو ملندو آهي،٭ فجر کان پوءِ مَدَني حلقي ۾ بُزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جي ذِڪرِ خَير تي مُشتَمِل شَجَرو شريف پڙھڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي ۽ بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جي ذڪرِ خَير تي مُشْتَمِل هن مُبارَڪ شَجَري جي بَرَڪت سان ڪيئي عاشِقانِ رسول جون دعائون قبول ٿين ٿيون، مصيبتن ۽ پريشانين کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو آهي ۽ رُڪيل ڪم بڻجي ويندا آهن۔ اچو! تَرغِيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،