Imam Hussain Ki Ebadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

پهريان 2 فرمانِ مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَملاحظه ڪريو:(1)فرمايائون: اَلْمَرْءُ مَعَ مَنْ اَحَبَّ يعني انسان ان سان گڏ هوندو جنهن سان هو محبت ڪري۔ (صحيح مسلم، ڪتاب البر۔۔۔الخ، باب المرء مع من احب،ص ۱۰۸۸،حديث:۶۷۱۸)(2)فرمايا:’’اَلْمَرْءُ عَليٰ دِينِ خَلِيلِه فَلْينْظُرْ اَحَدُکمْ مَنْ يخَالِلُ‘‘ يعني انسان پنهنجي دوست جي دِين ۽ ان جي طور طريقي تي هوندو آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته توهان ڏسو ته ڪنهن سان دوستي رکو ٿا۔ (المسند لامام احمد بن حنبل، مسند ابي هريرة،۳/۲۳۳، حديث: ۸۴۲۵) ٭ چـڱي ۽ بُري ساٿي جي مثال مُشڪ کڻڻ ۽ بٺي دکائڻ واري جيان آهي، مشڪ کڻڻ وارو توکي تحفو ڏيندو يا تون ان کي خريد ڪندي يا توکي ان مان چڱي خوشبو ايندي، جڏهن ته بٺي دکائڻ وارو يا تنهنجا ڪپڙا ساڙيندو يا توکي ان مان ناپسند خوشبو ايندي. ۔(صحيح مسلم، ڪتاب البروالصلة، باب استحباب مجالسة...الخ، ص ۱۰۸۴،حديث:۶۶۹۲۔) ٭حديث شريف ۾ فرمايو ويو: وڏن جي صحبت ۾ ويهو ۽ عالمن کان ڳالهيون پڇا ڪريون ۽ داناء سان ميل جول رکو۔(المعجم الڪبير،۲۲/۱۲۵، حديث:۳۲۴) ٭ سٺو همنشين اهو آهي جو ان کي ڏسڻ سان توهان کي خدا ياد اچي، ان جي گفتگو (Conversation) سان توهان جي عمل ۾ زيادتي ٿئي ۽ ان جو عمل توهان کي آخرت جي ياد ڏياري۔ (الجامع الصغير، حرف الخاء، ص۲۴۷، حديث:۴۰۶۳)٭ چڱي دوست جي همنشيني نه صرف دنيا ۾ فائديمند هوندي آهي بلڪه قبر ۾ به نيڪوڪار جي صحبت فائدو پهچائيندي آهي۔ (اچھے ماحول ڪي برڪتيں،ص۳۳)٭عمل ڪرڻ جو اهو اعليٰ جذبو جيڪو هڪ پاڪيزه ماحول جي صحبت سان ملندو آهي اهو ٻي طرح ناممڪن ناهي ته مشڪل ضرور آهي۔(سابقه حواله،ص۲۱)٭ اهڙو ماحول بنائڻ گھرجي جنهن ۾ تمام شريڪ ٿيندڙن جو اٿڻ ويهڻ پاڻ ۾ ملاقات ڪرڻ ۽ هڪٻئي سان محبت رکڻ فقط الله پاڪ جي رضا ۽  خوشنودي جي لاءِ