Imam Hussain Ki Ebadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

هجي۔(سابقه حواله،ص۲۵)٭ سٺي ماحول سان سٺي صُحبت ميسر ٿيندي آهي۔(سابقه حواله،ص۱۶)٭ چڱي ماحول سان وابسته ٿيڻ تي ظاهر ۽ باطن جي اصلاح ٿيندي آهي۔ (سابقه حواله، ص۱۶) ٭بُري ماحول کي اپنائڻ وارا ماڻهو پنهنجي عزت ۽ وقار ۽ حيثيت کي وڃائي ويهندا آهن۔ (سابقه حواله، ص۲۶) ٭حضرت مالڪ بن دِيناررَحْمَة الله عَلَيه جن فرمايو: جنهن ڀاءُ يا ساٿي جي صحبت توهان کي دِيني فائدو نه پهچائي توهان ان جي صُحبت کان بچو ته جيئن توهان محفوظ ۽ سلامت رهو۔ (ڪشف المحجوب ، باب الصحبة ومايتعلق بها ، ص۳۷۴)٭سٺي صحبت ۽ نيڪين جي رَغبت ڏيارڻ وارو دعوتِ اسلامي جو روح پرور ماحول عبادتن ۽ معاملن جي نگهباني ۽ سُنّتن جي حفاظت جو جذبو وٺي مدينه ڏانهن هلندو پيو وڃي، لهٰذا دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ۽ نيڪ ماحول سان وابسته ٿيڻ سعادتِ دارين آهي۔(اچھے ماحول ڪي برڪتيں،ص۲۲)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداباميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا ٻه رسالا ”101 مدني گل“ ۽ ”163 مدني گل هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

سیکھنے سنّتیں  قافلے میں چلو  لُوٹنے رَحمتیں قافلے میں چلو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد