Imam Hussain Ki Ebadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

نه؟ مطلب ته حضرت امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي زندگي جا رات ۽ ڏينهن ربِّ ڪريم جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۽ عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندا هئا ۽ ڪا گھڙي (Moment) فضول ڪمن ۾ نه گذاريندا ها بلڪ هر وقت دل يادِ خداوندي ۾ مصروف رهندو هو ته زبان ذڪرِخُدا سان معمور رهندي هئي، ڄڻ ته پاڻ اٿندي، ويهندي هلندي ڦرندي، کائيندي پيئندي، سمهندي جاڳندي هر حالت ۾ ۽ هر وقت ربِّ ڪريم جو ذِڪر ڪندا هئا ۽ خاص ڪري نماز جي ادائيگي جو بيحد خيال ڪندا هئا ۽ وڏي ذوق ۽ شوق سان نماز ادا ڪندا هئا، ڇوته نماز جي تعليم ته ننڍپڻ ئي ۾ نبي ڪريم، رؤف رحيمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان حاصل ٿي هئي، اهو مدني تربيت جو ئي فيضان هو جو پاڻ فرض نمازن سان گڏوگڏ نفل جي به تمام گھڻي ڪثرت ڪندا هئا۔

     سُبْحٰنَالله! قُربان وڃجي! نواسَهءِ رسول، جگر گوشَهءِ بتول حضرت ِامامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي عبادت ۽ رياضت جي ذوق ۽ شوق تي، جو جنّتي نوجوانن جا سردار آهن، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه وڏي رتبي وارا صحابي آهن، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْهاهلِ بيتِ مُصطفٰي ۾ شامل آهن، حضرت ِامامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُناموليٰ عليرَضِىَ اللهُ عَنْه جا شهزاده آهن، حضرت ِامامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْهحضرت بي بي فاطمهرَضِىَ اللهُ عَنْها جي جگر جا ٽڪرا آهن، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ٻنهي جھانن جي مالڪ و مختار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڏوهٽا آهن، حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه اهلِ بيت مان آهن ۽ اهلِ بيتِ ڪرام (عليھم الرضوان) جو شان  اهو آهي جو آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمارشاد فرمايو: ڪو ٻانهو ڪامل مؤمن تيسيتائين نٿو ٿي سگهي جيستائين مونکي پنهنجي جان کان وڌيڪ نه چاهي ۽ منهنجي ذات ان کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ محبوب نه هجي ۽ منهنجي اولاد ان کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ پياري نه هجي ۽ منهنجا اهلبيت ان کي پنهنجي گهر وارن کان وڌيڪ پيارا ۽