Imam Hussain Ki Ebadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

محبوب نه هجن. (شعب الایمان،باب فی حب النبی،  ۲/ ۱۸۹ ،حدیث: ۱۵۰۵) حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه صحابه ڪرام ۾ شامل آهن ۽ صحابه ڪرام (عليھم الرضوان) جو  شان اهو آهي ته مديني جي تاجدار، بيڪسن جي مددگارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ارشاد فرمايو: توهان جو جبل جيترو سون خيرات ڪرڻ منهنجي ڪنهن صحابي جي سوا سير جَو خيرات ڪرڻ بلڪ ان جي اڌ جي برابر به نٿو ٿي سگهي۔“ ( بخاری،کتاب فضائل اصحاب النبی،باب قول النبی لو کنت متخذا خلیلا، ۲ /۵۲۲،حدیث: ۳۶۷۳) انهن تمام فضائلن جي باوجود امام حسين جو حال اهو آهي جو فرض سان گڏوگڏ نفل عبادت جي ڪثرت ڪري رهيا آهن۔  

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جا بُزرگانِ دينرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهاجمعين ڪثرت سان ربِّ ڪريم جي عبادت ۽ نفل نمازن جي ڪثرت ڪندا هئا جڏهن ته ٻئي پاسي اسان جي فرض نمازن جي معاملي ۾ سستي مُسلسل وڌندي پئي وڃي، ڪنن ۾ آذان جو آواز ايندو آهي پر اسان پنهنجي ڪم ڪار جي مصروفيتن جو بهانو بڻائي يا وري سُستي جي ڪري نماز قضا ڪرڻ ۾ شرم محسوس نٿيون ڪريون، جڏهن ته گُناھ ڪرڻ جي لاءِ اسان جي سُستي يڪدم چُستي ۾ بدلجي ويندي آهي۔ ڪجھ ته اهڙيون به ڇڙواڳ ۽ ڳالهڙو هونديون آهن جو جڏهن اُنهن کي دِين جو درد رکڻ واري ڪا اسلامي ڀيڻ سمجھائيندي نيڪي جي دعوت ڏي ۽ نماز پڙھڻ يا قضا نمازون ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ته چونديون آهن اِنْ شَآءَالله ايندڙ جمعي کان ٻيهر نمازون پڙھڻ شُروع ڪنديون سين يا رَمضان کان باقاعده نمازن جو اهتمام ڪنديون سين“ ائين ڪنهن قسم جي شرم ۽ جِھجڪ جي بنا وڏي دليري سان مَعَاذَ الله هن ڳالھ جو ڄڻ ته اِقرار ڪري رهيون هونديون آهن ته اسان جون نمازون ڇڏڻ جو اهو ڪبيره گُناھ جُمعي جي ڏينهن تائين يا رمضانُ المبارڪ تائين مُسلسل جاري رکنديون سين۔ شايد اهو ئي سبب آهي ته اڄ اسان جي گھرن ۾ اتفاق ناهي، روز روز