Imam Hussain Ki Ebadat

Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

يزيدين سان باهمي صلح جي اُميد ختم ٿي وئي ته امامِ عالي مقام، امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي ڀاءُ کي فرمايائون ته ڪنهن نموني اها لڙائي سڀاڻي تائين مؤخر ٿي وڃي ۽ اڄ جي رات اسان کي عبادت ِالٰهي جي لاءِ ملي وڃي ته بهتر آهي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي ڀاء کي ارشاد فرمايائون:

      جيڪڏهن موقعو ملي وڃي ته اڄ جي رات نماز، دعا ۽ اِستِغفَار ۾ گذاريون، ڇوته مون کي ربِّ ڪريم جي رضا جي لاءِ نماز ۽ تلاوتِ قرآن سان محبت آهي ۽ ڪثرت سان دعا ۽ اِستِغفَار منهنجو معمول آهي۔ (الکامل فی التاریخ،۳/۴۱۵)

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرونٿورو سوچيو! جڏهن چئني پاسي دشمنن جو هجوم هجي، مصيبتن تي مصيبتون ۽ آزمائشن تي آزمائشون اچي رهيون هجن، پيئڻ جي لاءِ پاڻي نه ملي رهيو هجي ته اسان مان هر هڪ جي تمنا اها ئي هوندي ته ڪاش ڪهڙي طرح انهن مصيبتن کان ڇوٽڪارو ملي وڃي، ڪهڙي طرح به اها مصيبت ٽري وڃي، پر سَيدُنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي تمنا ڏسو ته ڇا فرمائي رهيا آهن ته ڪاش اها رات به عبادت ڪرڻ جي لاءِ ملي وڃي، اها رات به تلاوتِ قرآن جي لاءِ ملي وڃي، اها رات به دعا ۽ مناجات جي لاءِ ملي وڃي، واقعي اهو انهيء عبادت جو ذوق ۽ شوق هو جو ميدانِ ڪربلا ۾ ايتريون تڪليفون ۽ مصيبتون اچڻ جي باوجود به اهو جذبو ٿڌو نه ٿيو ۽ ميدانِ ڪربلا ۾ 10 ڏينهن ڪا نماز قضا نه ڪيائون، عبادت سان محبت جو عَالَم اهو هو جو آخري وقت پنهنجو مبارڪ سر بارگاھ ربُّ اۡلعزت ۾ جھڪائي سجدي جي حالت ۾ شهادت کي سيني سان لڳايائون۔

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي به دُرست نماز ۽ تلاوتِ قرآن سکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، فيضانِ نماز ڪورس ڪرڻ ۽ مدرسة المدينه (بالغان) ۾ شرڪت ڪري پابندي سان تعليمِ قرآن حاصل ڪرڻ نهايت مددگار ثابت