Shan-e-Bilal-e-Habshi

Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

مصيبت! سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اکيون کولي ورتيون ۽ بيقرار ٿي فرمايائون ”وَاطَرَبَاہُ “ واهه منهنجي خوشي! آخري ڪلما جيڪي پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي مبارڪ زبان مان نڪتا اهي هي هئا غَدًانَلْقَی الْاَحِبَّۃَ مُحَمَّدًا وَّحِزْبَہُ يعني سڀاڻي مان پنهنجي آقا ڪريم حضرت سيدنا محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سڀني صحابه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم سان وڃين ملندس. (احیا ء العلوم ،کتاب ذکرالموت، الباب الخامس، ۵/۲۳۱)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته عاشقِ صادق، سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪيترو ڪامل درجي جو عشق هو جو موت کي مسڪرائي ڳلي لڳائي رهيا آهن، هن ڪري جو مرڻ کان پوءِ حضور جي بارگاهه ۾ حاضري نصيب ٿيندي، جنت ۾ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ ٻين صحابه عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان سان ملاقات ٿيندي، سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي گفتار ۽ ڪردار سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ سيکاريو ته عشقِ رسول ئي دينِ حق جي پهرين شرط آهي، سفر جي حالت هجي يا اقامت واري حالت زندگي جا ڏينهن هلي رهيا هجن يا موت جو وقت هجي، مطلب ته هر جڳهه هر معاملي ۾ انهن محبتِ رسول کي پنهنجي زندگي جو سرمايو بڻائي رکيو ۽ عشقِ رسول ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪيتريون ئي صديون گذرڻ جي باوجود به سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عاشقن جي دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهن ۽ هڪ پاسي اسان محبتِ رسول جو دعوٰي ڪرڻ واريون! پنهنجي پاڻ تي غور ڪريون ته صرف زبان جي حد تائين ئي عشقِ رسول جون دعويدار آهيون ۽ ڪردار عشقِ رسول کان خالي آهي،

ٿورو سوچيو! ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ واريون بغير ڪنهن سبب جي ڪنهن سان لڙائي جهڳڙو ڪنديون آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ واريون بدلو وٺڻ جا موقعا تلاش ڪنديون آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ واريون گاريون ڏينديون آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ واريون تهذيب ۽ اخلاق کي ڇڏي ڏينديون آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ واريون ڏاڙهي هڪ مُٺيءَ کان گهٽ ڪرائينديون آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي