Shan-e-Bilal-e-Habshi

Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

چوندا هئا، اهي صحابيه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُما فرمائن ٿيون: خدا جو قسم! منهنجي معلومات ۾ هڪ رات به اهڙي نه آهي جو انهن اها دعا نه گهري هجي. (ابو داود ، کتاب الصلاۃ ،باب الاذان فوق المنارہ،۱/۲۱۹،حدیث:۵۱۹)

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل واقعي مان ٻه ڳالهيون معلوم ٿيون:

هڪ هيءَ ته جڏهن آذان کان پهريان قريش جي لاءِ دعائيه ڪلمات چوڻ جائز ۽ سنتِ بلالي آهي ته پوءِ آذان کان پهريان سرڪارِ مدينه جي لاءِ دعا ڪرڻ يعني درود ۽ سلام پڙهڻ به يقينًا جائز بلڪ گهڻي اجر ۽ ثواب جو باعث آهي.

ٻي ڳالهه اها معلوم ٿي جو حضرت سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آذان کان پهريان پنهنجي لاءِ ۽ حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قبيلي وارن جي لاءِ بلا ناغه دعائيه ڪلمات چوندا هئا. اسان کي به گهرجي ته جڏهن دعا ڪريون ته صرف پنهنجي ئي لاءِ نه بلڪ تمام مسلمانن جي لاءِ دعا ڪريون، ڇو ته دعا جي قبوليت جي آدابن مان اهو به آهي ته جڏهن اسان پنهنجي لاءِ دعا گهرون ته سڀني مسلمانن کي هن دعا ۾ شريڪ ڪريون. اعلٰي حضرت امام احمد خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته جيڪڏهن دعا گهرڻ وارو پاڻ اهڙو آهي جو ان کي ڪجهه نه ڏنو وڃي ته ڪنهن نيڪ جي صدقي ان کي پنهنجي مراد ملي ويندي.

حضرت سيدنا ابوالشيخ اَصبَهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سيدنا ثابت بناني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان روايت ڪئي ته: اسان کي ٻڌايو ويو ته جيڪو شخص مسلمانن مردن ۽ عورتن جي لاءِ خير جي دعا ڪندو آهي، قيامت ۾ جڏهن انهن جي مجلسن وٽان گذرندو ته هڪ چوڻ وارو چوندو: هي اهو آهي جيڪو دنيا ۾ توهان جي لاءِ خير جي دعا ڪندو هو، پوءِ اهي ان جي شفاعت ڪندا ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪري ان کي جنت ۾ وٺي ويندا.

قرآنِ ڪريم جي سيپاري 26، سورة محمد، آيت نمبر 19 ۾ سڀني مسلمانن جي لاءِ دعا ڪرڻ جي باري ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

 

وَ اسْتَغْفِرْ لِذَنْۢبِكَ وَ لِلْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِؕ  ترجمو: ۽ اي محبوب پنهنجي خاصن ۽ عام مسلمان مردن ۽ عورتن جي گناهن جي معافي گهر.