Shan-e-Bilal-e-Habshi

Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ شخص کي اَللّٰھُمَّ اغْفِرْ لِيْ (يعني اي الله! منهنجي مغفرت فرماءِ) چوندي ٻڌو. ته فرمايائين جيڪڏهن سڀني مسلمانن کي دعا ۾ شامل ڪرين ها ته تنهنجي دعا قبول ٿئي ها. ( ردّ المحتار، کتاب الصلاۃ، باب صفۃ الصلاۃ، آداب الصلاۃ، مطلب: في الدعاء بغیر العربیۃ،۲/۲۸۶)  

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي به گهرجي ته پنهنجي دعائن ۾ سڀني مسلمانن خاص ڪري والدين ۽ پنهنجي استادن کي ضرور يا رکندا ڪريون، ياد رکو! دعا دنيا ۽ آخرت جون کوڙ ڀلائيون حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. دعا الله ڪريم کان مناجات ڪرڻ، ان جو قرب حاصل ڪرڻ، ان جي عظيم بارگاهه مان مرادون ماڻڻ جو بهترين ذريعو آهي. دعا بخشش ۽ مغفرت جو پروانو حاصل ڪرڻ ۽ دنيا ۽ اُخروي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي حل جو نهايت آسان ۽ مجرّب ذريعو آهي. دعا هڪ بهترين عبادت ۽ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ سنت آهي. دعا گنهگار ٻانهن جي حق ۾ الله ڪريم جي طرف کان هڪ نهايت وڏي نعمت ۽ سعادت آهي.

صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                                            صَـلَّى الـلّٰـهُ تَـعَـالٰى عَـلٰى مُـحَـمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عشقِ رسول جا واقعا ٻڌي رهيون هيون سين، ايمان آڻڻ ۽ غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ عاشقِ بيمثال حضرت سيدنا بلالرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي زندگي جا حسين ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ گذاريا، يقيناً حقيقي عاشق جڏهن پنهنجي محبوب جو ديدار ڪري ٿو ته ان کي هڪ لمحو به سڪون ناهي ايندو، اهو محبوب کي ڏسڻ جي لاءِ بيقرار ٿي ويندو آهي، اهو ئي سبب هو جو جڏهن حضور نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو وصالِ ظاهري ٿيو ته حضرت سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي حالت سندن جي وس کان ٻاهر ٿي وئي، پاڻ مديني جي گهٽين ۾ اهو چوندي ڦرندا ها ته اي انسانو! توهان ڪٿي رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏٺو آهي مونکي به ڏيکاريو يا مونکي کين جو پتو ٻڌايو. انهيءَ غم ۾ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ