Shan-e-Bilal-e-Habshi

Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

قيامت بلال اهڙي ڏاچيءَ تي سوار ٿي ايندو جنهن جو ڪجائو سون ۽ ياقوت سان مزين هوندو، انهن جي هٿ ۾ جهنڊو هوندو سمورا مؤذن انهن جي پٺيان پٺيان هوندا ۽ هِن طرح بلال جي اڳواڻيءَ ۾ اهو قافلو جنت ۾ داخل ٿيندو ايستائين جو اهو به جنت ۾ داخل ٿي ويندو جنهن صرف 40 ڏينهن الله پاڪ جي رضا خاطر آذانون ڏنيون هونديون. (ابن عسا کر،رقم:۹۷۴،بلال بن رباح، ۱۰/۴۶۰، حدیث: ۲۶۵۷)

 صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                                           صَـلَّى الـلّٰـهُ تَـعَـالٰى عَـلٰى مُـحَـمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ختم ڪندي شڪر جي باري ۾ ڪجھ مفيد ڳالهيون بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي.

پهريان 2 فرمانِ مصطفٰي ملاحظه ڪيو: (!) ارشاد فرمايائون: الله پاڪ کي اهو پسند آهي ته ٻانهو هر گرھ ۽ ڍڪ تي الله ڪريم جو شڪر ادا ڪري. (مسلم،کتاب الذکر والدعاء، الخ، باب استحباب حمد اللہ۔۔۔الخ،ص۱۱۲۲،حدیث۶۹۳۲)  (2) ارشاد فرمايائون: توهان کي گهرجي ته زبانون ذڪر ۽ دليون شڪر سان آليون رکو. (شعب الایمان،باب فی محبة اللہ،فصل فی ادامة ذکر اللہ،۱/۴۱۹،حدیث:۵۹۰،ملتقطاً) ٭  شڪر اعلٰي درجي جي عبادت آهي. ( شکر کے فضائل،ص۱۲)٭الله پاڪ جي نعمتن تي شڪر ڪرڻ واجب آهي. (خزائن العرفان،پ۲،البقرہ ،تحت الایۃ:۱۷۲) ٭ شڪر جي توفيق عظيم سعادت آهي. (ایضاً ،ص۱۲)  ٭شڪر ۾ نعمتن جي حفاظت آهي. (ایضاً ،ص۱۲) ٭ شڪر ئي سان نعمتون وڌنديون آهن. (ایضاً ،ص۱۲) ٭شڪر الله وارن جي عادت آهي. (ایضاً ،ص۱۲)٭ نعمت ملڻ تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ جي صورت ۾ ٻانهو عذاب کان محفوظ رهندو آهي. (صراط الجنان ،۴/۴۰۶) ٭عبادت بنا شڪر جي مڪمل ناهي ٿيندي. (بیضاوی،۱/۴۴۹، پ۲، البقرہ ،تحت الایۃ:۱۷۲)  ٭شڪر تمام عبادتن جي اصل آهي. (تفسیر کبیر،۲/۱۹۱ پ۲،البقرہ ،تحت الایۃ:۱۷۲) ٭  حضرت سيدنا ابوبڪر شبليرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ شڪر اهو آهي ته نظر نعمت عطا ڪرڻ واري تي هجي نه وري نعمت تي. (احیاءالعلوم،کتاب الصبروالشکر،۴/۱۰۳)  ٭حضرت سيدنا سليمان واسطي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي نعمتن کي ياد ڪرڻ سان دل ۾ الله پاڪ جي محبت پيدا ٿيندي آهي. (تاریخ مدینہ ابن عساکر،۳۶ /۳۳۴، حدیث: ۴۱۳۳)٭ حضرت سيدنا