Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar
علاوه به مختلف معاشرن، قومن، برادرين ۾ مختلف بدفاليون رائج هونديون آهن۔ (بدشگوني،ص۱۶تا۱۸)
الله ڪريم مسلمانن کي بدفالي جي بُري آفت کان نجات ڏئي ۽ نيڪ فال وٺڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمين
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بدفالي ۽ نيڪ فال ۾ فرق سمجھي وٺو، انهن ٻنهي ۾ بنيادي فرق هي آهي ته بدفالي وٺڻ شرعي طور تي منع ۽ نيڪ فال وٺڻ مُستَحَب آهي، ان کان سواءِ ٭ سٺي فال وٺڻ اسان جي مَدَني آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو طريقو آهي جڏهن ته بدفالي بدبخت ڪافرن جو شيوو آهي ٭ سٺي فال وٺڻ سان الله پاڪ جي رحم ۽ ڪرم سان چڱائي ۽ ڀلائي جي اميد هوندي آهي جڏهن ته بدفالي مان نا اميدي پيدا ٿيندي آهي ٭ نيڪ فال سان دل کي اطمينان ۽ خوشي حاصل ٿيندي آهي جيڪا هر ڪم جي جدوجهد ۽ مڪمل ٿيڻ جي لاءِ ضروري آهي جڏهن ته بدشگوني سان بنا ڪنهن سبب جي ڏک ۽ شڪ پيدا ٿيندو آهي ٭ نيڪ فالي انسان کي ڪاميابي ۽ ترقي ڏانهن وٺي ويندي آهي جڏهن ته بدفالي سان مايوسي، سُستي ۽ ڪاهلي پيدا ٿيندي آهي جيڪا ناڪامي جي طرف ڌڪي ڇڏيندي آهي۔ حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:؛ نيڪ فال وٺڻ سنّت آهي، انهيءَ ۾ الله تعاليٰ کان اميد آهي ۽ بدفالي وٺڻ ممنوع جو انهيءَ ۾ ربّ کان نا اميدي آهي۔ اميد سٺي آهي، نا اميدي بُري، هميشه ربّ ۾ اميد رکو۔ (مرآۃ المناجيح، ۶/۲۵۵)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! برڪتن وارو صَفَرُالمُظَفَّراسلامي سال جو ٻيو مهينو آهي، جهڙي طرح ٻين مهينن ۾ ربِّ ڪريم جي فضل ۽ ڪرم جون بارشون ٿينديون آهن، اهڙي طرح هن مهيني ۾ به ٿينديون آهن، بلڪه ان کي ته صَفَرُ