Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

ڪڏهن ڪنهن وقت يا ڏينهن يا مهيني مان بدفالي وٺندا آهن ٭ ڪو ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ طريقي ڪار ۾ نقص جي ڪنهن نشاندهي ڪئي يا ان ڪم کان رڪجڻ جو چيو ته ان مان بدفالي  وٺندا آهن ۽ چوندا آهن ته هاڻي تو دخل اندازي ڪئي آهي، ان ڪري اهو ڪم نه ٿي سگهندو ٭ ڪڏهن ايمبولينس (Ambulance) جي سائرن مان ته ڪڏهن فائربرگيڊ (Fire brigade) (باھ وسائيندڙ گاڏي) جي سائرن مان بدفالي ۾ مبتلا ٿيندا آهن ٭ ڪڏهن اخبارن ۾ شايع ٿيڻ وارن تارن جي حال مان پنهنجي زندگي کي غمگين ۽ پريشان ڪري ڇڏيندا آهن ٭ ڪڏهن مهمان جي وڃڻ کان پوءِ گھر ۾ ٻهاري ڏيڻ کي منحوس سمجھندا آهن ٭ ڪڏهن جُتي لاهڻ وقت جُتي جو ٻي جُتي جي مٿان اچڻ سان بدفالي محسوس ڪندا آهن ٭ ساڄي اک ڦڙڪي ته هي يقين ڪندا آهن ته ڪا مصيبت ايندي ٭ جمعي جي ڏينهن عيد ٿئي ته موجوده حڪومت لاءِ ڳرو سمجهندا آهن ٭ ڪڏهن ٻلي جي روئڻ کي ته ڪڏهن رات جي وقت ڪتي جي اونائڻ کي منحوس سمجھندا آهن ٭ پهريون گراهڪ سامان وٺڻ کان سواءِ هليو وڃي ته دڪاندار ان کي بدفالي سمجهندا آهن ٭ نئين ڪنوار گھر اچڻ تي خاندان جو ڪو ماڻهو فوت ٿي وڃي يا ڪنهن عورت کي رڳو ڇوڪريون ئي پيدا ٿين ته ان تي منحوس هجڻ جو ليبل لڳي ويندو آهي ٭ جيڪڏهن ڪا عورت اميد سان هجي ته ان کي ميّت جي ويجهو ناهن اچڻ ڏيندا جو ٻار تي برو اثر پوندو ٭جوان عورت بيوھ ٿيڻ تي ان کي منحوس سمجھندا آهن، ۽ هي به سمجھندا آهن ته ٭ خالي قينچي هلائڻ سان گھر ۾ جھڳڙو ٿيندو آهي ٭ ڪنهن جو ڪنگو استعمال ڪرڻ سان ٻنهي ۾ جھڳڙو ٿيندو آهي ٭ خالي ٿانوَ يا چمچا پاڻ ۾ ٽڪرائڻ سان گھر ۾ جھڳڙو ٿيندو آهي ٭ جڏهن ڪڪرن ۾ کنوڻ ٿي رهي هجي ۽ سڀ کان وڏو ٻار گھران ٻاهر نڪري ته سمجھندا آهن ته ان تي کنوڻ ڪري پوندي ٭ ٻار جا ڏند ابتا نڪتا ته ناناڻي (يعني مامن وغيره) تي ڏکيا ثابت ٿيندا آهن ٭ ننڍو ٻار ڪنهن جي ٽنگن جي وچان لنگهي وڃي ته ان ٻار جو قد ننڍو ٿيندو آهي ٭ ٻار ستو پيو هجي ان جي مٿان ڪو ٽپيو ته ٻار جو قد