Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

منهنجي نظر ته پنهنجي رب ڪريم جي رحمت جي طرف  هوندي آهي، مان ان کان علاوه ڪنهن کان ڪا شيءِ نٿو گهران، جڏهن منهنجو رب ڪريم مونکي رزق عطا فرمائي ٿو ته مان قبول ڪري وٺندو آهيان. فرض ڪيو جيڪڏهن اها سِڪّن جي ٿيلهي منهنجي دشمن شيطان جي طرفان هجي ته ان ۾ منهنجو  ڪهڙو نقصان بلڪ مونکي ئي فائدو آهي جو منهنجو دشمن منهنجي قابوء ۾ ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته الله ڪريم اُن کي منهنجو خادم بڻائي رکي. ان کان وڌيڪ سٺي ڳالھ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو منهنجو سڀ کان وڏو دشمن خادم بڻجي منهنجي خدمت ڪري ۽ مان ان جي طرف ڌيان به نه ڪريان بلڪ اهو سمجهان ته منهنجو رب ڪريم مونکي دشمن جي ذريعي رزق عطا فرمائي رهيو آهي. ۽ واقعي تمام جهانن کي اهو ئي خالقِ ڪائنات رزق عطا فرمائيندو آهي جيڪو منهنجو محبود آهي. نوجوان جي اها گفتگو ٻڌي ماڻهو خاموش ٿي ويا ۽ سمجهي ويا ته ان کي واقعي غيب مان رزق ڏنو ويندو آهي.۔ (عیون الحکایات،۲/۱۰۵ )

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جو معاشروڏينهو ڏينهن بُرائين جي اونهي کڏ ۾ ڪرندو پيو وڃي، بدفالي کي ئي ڏسي وٺو جنهن معاشري جي هر طبقي کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ورتو آهي۔ حيرت جي ڳالھ ته اها آهي ته بظاهر عقلمند نظر ايندڙ ماڻهن جي دامن کي به انهيء منحوس بدفالي داغ دار ڪري رکيو آهي۔ هاڻي ته اها هڪ عالَمي بيماري بڻجي چڪي آهي، مختلف ملڪن ۾ رهندڙ مختلف ماڻهو مختلف شين سان اهڙيون اهڙيون بدفاليون وٺندا آهن، جو انسان ٻڌي حيران رهجي ويندو آهي،

بَدفالي جون صورتون

مڪتبةُ المدينه جي ڪتاب ”بَدشُگُوني“ جي صفحي نمبر 16 تي لکيل آهي: ٭ ڪڏهن انڌي، منڊي، هڪ اک واري ۽ معذور ماڻهن کان ته ڪڏهن ڪنهن خاص پکي يا جانور کي ڏسي يا ان جو آواز ٻڌي بدفالي ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ٭