Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

      12 مدني ڪمن مان هن مدني ڪم ”مَدَني اِنعَامات“ جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ”مَدَني اِنعَامات“ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر ۽ خاص ڪري ذميدار هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو مڪتبة المدينه تان طلب ڪرڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان به پڙھي سگھجي ٿو۔

      هن رسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي، ٭ مدني انعامات ڇا آهن؟ ٭ فڪرِ مدينه ڪيئن ڪئي وڃي؟ ٭ مدني انعامات جا مقصد ٭ مدني انعامات جي درجه بندي، ٭ ڪجھ مدني انعامات جا طبّي ۽ سائنسي فائدا، ٭ اجتماعي فڪرِ مدينه جو طريقو ٭ مدني انعامات جون برڪتون، ٭ مدني انعامات بابت فرامينِ امير اهلسنّت ٭ مدني انعامات جي باري ۾ مرڪزي مجلس شورٰي جي مدني مشورن جا مدني گل ٭ مدني انعامات بابت شرعي ۽ تنظيمي احتياطن تي مشتمل سوالات ۽ جوابات وغيره۔

      ٭ اَلْحَمْدُ لِلّٰه مَدَني اِنعامات، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇُڏائڻ جو بهترين نُسخو آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارن کان اَميرِ اَهلسُنّت، باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيه گھڻا خوش ٿيندا ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت ملندي آهي. ٭ مَدَني اِنعامات جو اهو عظيم تحفو بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي ياد ڏياري ٿو، ٭ مَدَني اِنعامات بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔ مدني انعامات جي ڪري ڪثير اسلامي ڀائرن کي برڪتون حاصل ٿيون آهن ۽ ٿي رهيون آهن، اچو! ترغيب جي لاءِ مدني بهار ٻڌو،

مدني انعامات جون برڪتون

فيصل آٓباد جي آسپاس رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڏيڍ سال ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه گذريو جو ان پنهنجي عملن جي باري ۾ غور و فڪر نه ڪيو هجي، اَلحَمدُ لِلّٰه مدني انعامات تي عمل جي برڪت سان ان کي سورهءِ ملڪ زباني ياد ٿي وئي، اهڙي طرح حيدرآباد جي هڪ اسلامي ڀاءُ کي رجبُ المُرَجَّب سن 1426 هجري جي هڪ رات خواب ۾ مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت